پريا ڪماري جي اغوا ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ايس ٽي پي جي سکر ۾ شاندار ريلي

سکر(رپورٽر) سنڌي ماڻھو جيسيتائين سجاڳ ٿي پنھنجي ڀلي بري لاءِ عملي ميدان تي نه ايندا، سنڌي عوام جا مسئلا حل ٿيڻ ناممڪن آھي، سنڌ جي ماڻھن ۽ خاص ڪري جوڌن پنھنجي جانين جون قربانيون ڏئي پنھنجي قومي سڃاڻپ کي برقرار رکيو آھي،  موجوده دور ۾ پڻ ھيمون ڪالاڻي ۽ ھوشو شيدي جھڙن جوڌن جي اشد ضرورت آھي،  اھڙو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قائم مقام مرڪزي چيئرمين ڄام فتاح سميجي سکر جي نشاط چوڪ وٽ اچو سنڌ سنواريون ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو ، اھا ريلي تير چوڪ کان شروع ٿي ۽ نشاط چوڪ وٽ پھچي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي ،  جتي ڪارڪنن زوردار نعري بازي پڻ ڪئي ، ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پارٽي جھنڊا ۽ پلي ڪارڊز ھيا ، جن تي اجمل ساوند ۽ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري پريا ڪماري جي بازيابي منشيات جي وڪري خلاف لاءِ نعرا لکيل ھيا، ان موقعي تي ستپ جي مرڪزي اڳواڻن سعيد جتوئي ، سنڌي نثار ڪيريو، رفيق ملاح، مشتاق آريجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر اجمل ساوند ۽ صحافي جان محمد مھر جي قتلن جا جوابدار سرڪاري آشيرواد سبب گرفتار نٿا ڪيا وڃن، معصوم نياڻي پريا ڪماري گذريل ٽن سالن کان گم ڪئي وئي آھي، ان جي اغوا ۾ سنگرار جا سيد ملوث آھن جن کي سپورٽ پ پ جي قيادت جي آھي،  جنھن جي ڪري انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، پريا جي امڙ پريشان آھي، ھنن چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ بدامني سبب سنڌ جي ماڻھن جو جئيڻ جنجال بڻايو ويو آھي، اغوا ۽ ڦرلٽ جي وڌي ويل وارداتن سبب واپارين جو ڪاروبار ختم ٿيندو پيو وڃي، وڌي ويل بدامني ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ھتان جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر ڪجهھ نٿا ڪن، پوليس پاڻ ڏوھارين سان ٻٽ آھي،  ھنن وڌيڪ چيو ته منشيات جو واھپو  ھاڻي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ وڌندو پيو وڃي، سنڌ جي شاگردن کي نشي جو عادي بڻائي تباھه ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ڪامورا رڳو رشوت سان پنھنجا گھر ڀرڻ ۾ پورا لڳا پيا آھن، سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ ۾ اچو سنڌ سنواريون ريليون ڪڍي عوام کي شعور ڏيڻ چاھيون ٿي ته ڪھڙي ريت سندن مسئلن جو حل ڪڍي سگھجي ٿو، ان لاءِ سڀني وطن دوست سنڌ پرست سياسي ڌرين جي سھڪار جا خواھشمند آھيون،  ستپ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي ريلين جا پروگرام رٿيا آھن، جيڪي جاري آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.