ڌاڙيل پنجاب جي حدن مان سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي سنڌ ۽ پنجاب جي بارڊر جي ڪجهھ يوسين ۾ تڪرار آھي، حملا آور پنجاب جي حدن مان سنڌ جي ڪچي ۾ داخل ٿيا جيڪي ھاڻي واپس ھليا ويا آھن، ڪنھن کي به غيرقانوني طور ھٿيارن سميت سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏبو، ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آھي، جلد بھتر نتيجا سامھون ايندا، ڪراچي ۾ مددگار 15 کي بھتر ڪيو ويندو، ڪراچي اندر اپريل  مھيني ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آيو آھي، پوليس جي ڪارڪردگي بھتر آھي اڃا وڌيڪ بھتري جي ضرورت آھي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن شھيد بينظير ڀٽو ايليٽ ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ پوليس محدود وسيلن سان ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي، عام طور تي سرڪاري ڪم قيمتي هوندا آهن ۽ ڪم جو معيار خراب هوندو آهي، ھن ٽريننگ سينٽر جو معيار بھترين آھي، آئي جي کي گذارش آهي ته اهڙي طرح ٻيا ٽريننگ سينٽر به ٺاهيا وڃن، هتي ڏنل تربيت جو معيار تمام سٺو آهي، اميد آهي ته هي ٻار سنڌ جي عوام جي سٺي نموني خدمت ڪندا، تربيت جي شعبي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪو ٻار ٽريننگ مان گذري اهو اهڙو ماهر هجي جو ڪنهن ٻئي اداري ڏانهن نه ڏسن، هتي مقرر ڪيل آفيسرن تمام گهٽ بجيٽ ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي، ھڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته صحافي جان محمد مھر جي قتل جا جوابدار جلد قانون جي گرفت ۾ ھوندا، جان مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪميٽي جوڙي آھي جيڪا جلد نتيجا ڏيندي، بلاول ڀٽو زرداري  صحافي جان مھر جي قتل جو نوٽيس ورتو آھي، افسوس آھي ته قاتل اڃا آزاد گھمي رھيا آھن، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ بلوچستان جي ڪلپرن وچ ۾ ذاتي جھيڙو آھي، پوليس پنھنجو ڪم ڪري پئي، ڪير به ھجي ان کي قانون سان کيڏڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي امن امان بابت ڪو به سمجهوتو نہ ڪبو، وسيلن آھر پنھنجو ڪم ڪري رھيا آھيون، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آندو آھي پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، ھن چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽرز مان نوجوان بھترين تربيت حاصل ڪري رھيا آھن تربيت حاصل ڪندڙ نوجوان عوام جي ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. تقريب ۾ صوبائي گھرو وزير پرنسيپال رزاق آباد ٽريننگ سينٽر کي 2 پگھارون جڏھن ته ٽريننگ ڏيندڙ استادن کي پڻ ھڪ بيسڪ پگھار انعام طور ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.