وڳڻ ( ن ع آ ) 2 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم نينگر جي زنجيرن ۾ جڪڙيل وڊيو ڏسي جي يو آءِ ضلعي قمبر جي امير حافظ عذير گل جاگيراڻي ڌاڙيلن کي ڀنگ ڏيڻ جو سوشل ميڊيا تي اعلان ڪندي چيو ته مان حج جي مقدس سفر لاءِ تياري ڪئي هئي مان حج جي خرچ لاءِ جيڪي پئسا گڏ ڪيا آهن، اهي ھن معصوم ٻارڙي جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ھن چيو ته معصوم نينگر اياز پٺاڻ کي في الفور آزاد ڪن، زندگي رھي ته حج ڪري وٺنداسين، هن چيو ته معصوم ٻارڙي جون دانهون برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ھن عمل کان وڌيڪ حج ناهي.