ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتاز سنڌي + عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل نينگر اياز پٺاڻ گيهلپور جي ڪچي واري علائقي مان پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ رابطي تي ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاءِ مسلسل ڪيترن ئي مهينن کان آپريشن هلندڙ آهي گذريل ڏينهن معصوم نينگر اياز پٺاڻ جي ڌاڙيلن تشدد ڪندي وڊيو وائرل ڪئي هئي ان وڊيو جو ٽيڪنيڪل بنياد تي تعين لڳائڻ بعد پوليس وڏن اٽالن اي پي سي چين بڪتربند گاڏين سميت ڪچي جي علائقي ۾ اي ايس پي عتيق الرحمان سان گڏجي پهچي ڪري نينگر جي باحفاظت طريقي سان بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ويو.ڏوهارين پاران پوليس جا وڏا اٽالا ڏسي کين ٿاڪ ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن بعد پوليس مغوي نينگر اياز پٺاڻ کي بازياب ڪرائي ورتو.ايس ايس پي موجب ڪچي جي علائقي ۾ پوليس موجود آهي مغوي نينگر کي اغوا ڪري کين تشدد واري وڊيو وائرل ڪندڙ ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.ايس ايس پي موجب جيڪي به مغوي ڏوهارين جي قيد ۾ آزاد ڪرائبو.هوڏانهن مغوي نينگر جي وارثن کي مغوي جي بازيابي جو اطلاع ملڻ بعد وارث خوشي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي آفيس پهچي ويا.ان موقعي تي مغوي نينگر جي والد نورالله پٺاڻ جو چوڻ هو ته آءُ تمام گهڻو خوش آهيان منهنجو پٽ ظالمن کان آزاد ٿي ويو.هن چيو ته گذريل ڏينهن جيڪا وڊيو پٽ جي سامهون آئي ان صدمي کان اڃان تائين ٻاهر نڪري ناهيون سگهيا گهر ۾ قيامت برپا ٿيل آهي.هن چيو ته پوليس منهنجي پٽ کي بازياب ڪرايو آهي جنهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو هن چيو ته آءُ هڪ ئي مطالبو ڪريان ٿو ته منهنجي صغير پٽ سان ظلم ڪندڙ رهزن ڌاڙيلن کي منتقي انجام تائين پهچايو وڃي جئين اسان جي جيئري اسان کي سڪون ملي سگهي هي صدمو اسان کي قيامت تائين رهندو جئين اسان جي معصوم ٻار سان ظالمن ظلم ڪيو.جڏهن ته نينگر اياز پٺاڻ جي تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد بنڀور جيان پوري ملڪ اندر شديد غم و غصو ڇائنجي ويو ۽ ماڻهو وڊيو ڏسي صدمي ۾ ورتل رهيا ۽ پوري ملڪ هڪ ئي مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم نينگر کي بازياب ڪرائي رهزن ڌاڙيلن کي ختم ڪيو وڃي جنهن بعد پوليس حرڪت ۾ اچي مغوي نينگر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي.جڏهن ته مغوي نينگر جي بازيابي عمل ۾ اچڻ بعد ماڻهن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مغوي نينگر اياز پٺاڻ کي ڊيل ذريعي ڏوهارين کان بازياب ڪرايو ويو آهي.ذريعن موجب مغوي نينگر جي آزادي عيوض پوليس ڏوهارين جا مطالبا تسليم ڪيا جنهن بعد مغوي جي بازيابي عمل ۾ آئي. ذريعن موجب پوليس مغوي نينگر جي آزادي عيوض ڌاڙيلن پاران رکيل شرط گرفتار ٿيل مرد ۽ عورتون به آزاد ڪرڻ وارا شرط تسليم ڪرايا.جڏهن ته پوليس روايتي انداز سان ڏوهارين جا شرط تسليم ڪندي مغوين کي آزاد ڪرائيندي رهي ٿي پر رهزن ڌاڙيلن جيڪا دردناڪ اذيت جهڙي وڊيو وائرل ڪئي انهن جي وار کي به لوڏو نه اچي سگهيو.