ڪراچي(رپورٽ: ماريا اسماعيل)سنڌ ۾ امن امان، اسٽريٽ ڪرائيم سيف سٽي منصوبي ۾ دير معاملي تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳواڻي ۾ صوبائي جسٽس ڪميٽي جو اجلاس، اجلاس جي منٽس موجب سکر، لاڙڪاڻو ۾ ڌاڙن، ڀنگ لاءِ اغواءُ وارن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ۽ ڦر لٽ جي واقعن جي روڪٿام بابت به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ بريفنگ ديندي ٻڌايو ويو ته امان امان جي خطرناڪ صورتحال سبب صوبي جي عوام ۾ ڳڻتي پيدا ٿيل آهي. اجلاس ۾ امن جي قيام لاءِ سيف سٽي ۾ صوبي جي اهميت ۽ ان جي جوڙجڪ بابت به خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ان کي جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. چيف جسٽس کي گهرو سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته منصوبو 5 مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ ۾ 2 سال لڳندا. پهرين مرحلي ۾ مک روڊ ۽ ٺوس علائقن ۾ ڪئميرائون لڳايون وينديون. چيف جسٽس امن امان ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. منظم طور ٿيندڙ ڏوھن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻڌايو ويو ته ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين کي بااثر ڏوهاري شخصيتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ علائقي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهھ جو به ذڪر نڪتو ته هاڻ اغوا ڪندڙن پاران مغوين کي تشدد ڪري ان جون وڊيو تيار ڪري ويب سائيٽن تي اپ لوڊ ڪرڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي. ڌاڙيل ۽ قاتلن کي قانون لاڳو ڪندڙن جو خوف ناهي تنهن ڪري ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ۾ وڌندڙ ڏوھن سبب سب کان وڌيڪ متاثر آهن. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته وڌندڙ ڏوھن سبب اقليتن جا ماڻهو علائقا ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي. ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيارن جي موجودگي تي به سينيئر ججن ڳڻتي جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته اهي هٿيار وٽن ڪٿان آيا. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته ڪچي جي علائقي ۾ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي موثر ڪارروائيون ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته صوبي جي متاثر علائقن ۾ قابل ۽ اهل آفيسر مقرر ڪيا وڃن. اجلاس ۾ آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرز کان علاوه چيف سيڪريٽري، گهرو ۽ قانون کاتي وارا سيڪريٽري، صوبي جا ڊي آئي جي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.