خيرپور ۾ نينگر کي بدفعلي ڪندڙ جوابدارن جو وارثن کي ڌمڪيون، احتجاج

خيرپور(رپورٽر )خيرپور جي ڀُرڳڙي پاڙي ۾ 6 ورهين جي نينگر ابوبڪر سان زيادتي وارو معاملو نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي وارثن  پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ متاثر نينگر ابوبڪر جي وارثن کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف وارثن جو بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي نينگر جو والد حفيظ الله چانڊيو آفتاب چانڊيو امتياز وقار چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي متاثر جي وارثن صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته جوابدار الطاف ملڪ جي بااثر وارثن در تي اچي ڪري ڪيس سان هٿ کڻڻ ۽ گرفتار جوابدار کي آزاد ڪرائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ۽ نينگر جي والد جو چوڻ آهي ته جوابدار جي وارثن سڪندر ملڪ فريد خاصخيلي سميت 10 کان وڌيڪ ماڻھن در تي اچي ڌمڪيون ڏنيون آھن ھن چيو ته اسان پوليس کي ٻن جوابدارن جا نالا ڏنا آهن پر پوليس هڪ کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻيو جوابدار هن وقت تائين آزاد گهمي رهيو آهي متاثر نينگر جي وارثن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.