اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ سولر پليٽ وڌيڪ سستا ٿي ويا آهن، في واٽ جي قيمت 40 رپين کان به گهٽ ٿي وئي آهي، سولر پينلز جي ڊيلرز موجب مختلف قسمن ۽ برانڊز جي سولر پينلز جا سراسري اگهه 37 رپيا ٿي ويا آهن،اوور سپلائي سبب قيمتون گهٽجي ويون آهن، ڇهن مهينن ۾ سولر پينل جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي طلب ۾ تيزي سان اضافو اچي رهيو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گهرن جي ڇتين تي سولر پينل لڳائڻ جو ڪم گذريل هڪ سال ۾ ايترو وڌيو آهي جيترو گذريل ڏهن سالن ۾ نه ٿيو هو، گذريل سال مارچ تائين پاڪستان ۾ سولر انرجي جي ڪل پيداوار 1000 ميگاواٽ هئي ۽ هلندڙ سال مارچ تائين اها وڌي 1800 ميگاواٽ کان وڌي وئي آهيلاهور جي هڪ ڊيلر جو چوڻ هو ته جنهن رفتار سان پاڪستان ۾ سولر جا اگهه گهٽجي رهيا آهن ۽ ماڻهو خريد ڪري رهيا آهن ان مان لڳي ٿو ته جلد ئي ريڙهن تي به سولر پينل وڪرو ڪيا ويندا