ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي .اسٽيل ٽائون مان 5 سالن کان گم ٿيل پٺاڻ خان زهراڻي جي بازيابي نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ تي ڪيس جي جاچ آفيسر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏياآهن .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وارثن سان انصاف ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي.عدالت چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽيز جا اجلاس ٿي رهيا آهن پر اڪثر ڪيسن ۾ نتيجا سالن کان وٺي زيرو ٿي ويا آهن. عدالت چيو ته جاچ آفيسر ڪهڙي مرض جي دوا آهن، اهي سنجيده قدم ڇو نٿا کڻن؟ عدالت بلال، موسيٰ ۽ ٻين جي بازيابي بابت صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ٻين ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .