ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر جي ايم جمالي ۽ سيڪريٽري جنرل رانا محمد عظيم صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. جان محمد مهر کي 9 مهينا اڳ قتل ڪيو ويو هو، پوليس پاران بار بار جي خاطري ڪرائڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. سنڌ پوليس جي اهڙي غير ذميواراڻي رويي تي پي ايف يو جي قيادت 11 مئي تي شام 5 وڳي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. جان محمد مهر ۽ ٻين صحافين جي قتل ۽ زيادتين خلاف سڄي ملڪ ۾ مقرر تاريخ تي بينر کڻي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ،