پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اچو ته.سگهارو آواز بڻجون

تحرير: غلام مصطفيٰ جمالي

سنگرار ۾ 7 ورھين جي معصوم پريا ڪماري جيڪا غم حسين ۾  پنهنجي بابا  راجو مل سان گڏ گهر اڳيان حسين جي غم ۾ اڃايل ۽ پياسن عزادارن جي لاءِ لڳايل سبيل ٿڌو، مٺو پاڻي پياري رهي هئي کيس اهو الڪو نه هو ته مان هڪ ڏينهن غم ۽ ياد ۾ تبديل ٿي ويندو. گهر اڳيان سبيل جو جيڪو سلسلو ھلي رھيو ھو جتي پريا به ويٺي ھئي ۽ اوچتو اتان پتڪڙي پريا گم ٿي وئي ھئي، جيڪا تاريخ 10 محرم الحرام خميس جي ڏينهن تاريخ 19-8-2021ع ٻڌائي پئي وڃي.

پريا ڪماري جي اغوا جو ڪيس سندس جي والد راجو مل سنگرار ٿاڻي تي ڪيس گناھه نمبر 13/2021 تحت انڊر سيڪشن 34/364 پي پي سي تحت داخل ڪرايو ويو ھو.پر انتظاميه پاران مسلسل ڪوڙ ۾ ڪوڙا دلاسا ڪوڙيون جي آءِ ٽيون جوڙيون ويون پر ڪٿي به ڪا سنجيدگي نظر نه پئي اچي. انتظاميه پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سجيندا آهي ڇو ته اغوا کي هڪ ٻه يا چار ڏينهن ناهن ٿيا بلڪه پتڪڙي پريا ڪماري جي گمشدگيءَ کي اڍائي سال پورا ٿئي چڪا آھن پر ھتان جو قانون صرف اميرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو ته ھن ملڪ اندر غريبن ۽ خاص طور تي سنڌين لاءِ ھڪ الڳ قانون جوڙيو ويو آھي جنهن جو نتيجو به ايترو ترت ئي اچي رھيو آھي. سنڌ مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا ٿئي ٿي ته ان لاءِ قانون صرف ڪاغذي فائيلن تائين وڃي محدود رھي ٿو پر ان جڳھه تي جيڪڏھن ملڪ جي ٻين صوبن مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا يا گم ٿي وڃن ٿا ته اسيمبلين ۾ ويٺلن وزيرن، مشيرن سميت طاقتورن ڌرين جون به اکيون کلي وڃن ٿيون ۽ چند ھفتن يا مهينن اندر اھو ڪيس وائينڊاپ ڪري مجرم کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سزا ڏني وڃي ٿي.

سنڌ اندر خاص ڪري اقليت برادري سان گهڻي عرصي کان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ بربريت وارو رويو اختيار ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ھنن جي روزگار جي دڪانن تان منٿلين سميت سندن ٻار زبردستي اغو ڪري انهن سان ڪوڙيون شاديون رچايون وڃن ٿيون اھڙي صورتحال پيدا ڪري انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ سنڌي ھندو آھن ۽ انهن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تمام گهڻو ظلم  ڪيو  پيو وڃي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هندو ڪائونسل چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن خيرپور ضلعي جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. سنڌ ھندو ڪائونسل جي چيئرمين ديوان سورج  ڪوھستاني ھندو ڪائونسل جي صدر مھيش جيراماڻي، وائيس چيئرمين درگا ديوي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا ۽ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو پڻ شامل آهي ٻئي پاسي  آءِ جي سنڌ ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ ويجھو پھتا آھيون، پر ان بيان ۾ به ڪا چرپر نظر نه ٿئي ڇو ته ان بيان کي به ڪافي ڏينهن ٿئي ويا آهن پر  اڃا تائين پوليس پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، اھڙي ھاءِ پروفائيل ڪيس ۾ پوليس آفيسرن پاران بنا ڪنھن جاچ ۽ ثبوت جي اھڙا ريمارڪس ڏيڻ پڻ سندن نااھلي جو چٽو ۽ واضح ثبوت آھي، پريا ڪماري جا گھرڀاتي پريشان آھن ته سندن گلن جھڙي معصوم نياڻي جيئري به آھي يا رھزنن کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي.

پريا ڪماري جي اغوا کي تقريبن اڍائي سال کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آھي، پر ان کي اڃا تائين پوليس کيس بازياب ني ڪرايو آھي، نه صرف پريا ڪماري جا وارث پر سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي.سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ شامل آفيسرن پاران پريس ڪانفرنس ڪندي جيڪي پريا بابت ڳالھيون ڪيون ويون آھن تن نه صرف پريا ڪماري جي گھرڀاتين کي پر سڄي سنڌ جي شعور کي رنجايو آھي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ پرامن احتجاج وارو رستو اختيار ضرور ڪجي، جڏهن هندو ڪائونسل جي پريس ڪانفرس ۾ پڻ اها ڳالهه چئي وئي آهي ته جيڪڏھن پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سنڌ ھندو ڪائونسل پاران سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ۽ اھا احتجاجي تحريڪ معصوم پريا ڪماري جي بازياب ٿيڻ تائين جاري رھندي، سڄي سنڌ جا ماڻهو ڪراچي کان ڪشمور تائين پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سگھارو آواز اٿاريو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.