مسلم ليگ (ن) کي نائب وزير اعظم جي ضرورت ڇو پئي!

تحرير: اعجاز احمد ڀيو

8 فيبروري واري عام چونڊ کان بعد ته اھو واضع ٿي ويو آھي ته اَسان جي مُلڪ کي سياسي استحڪام ڄڻ نصيب ۾ ئي ڪونهي ڇاڪاڻه حڪومت سازيءَ واري عمل کي اَڃان ٻه مهينا ئي مس گُذريا آھن ته اتحادي حڪومت ۽ مُقتدر حلقن ۾ اختلافن، فارورڊ بلاڪ، مُخالف ڌُر تحريڪ ۽ وزارتن جي غلط ورڇ جون خبرون اَچي رهيون آھن، جنهن مان ائين لڳي رهيو آھي ته ملڪي سياست ۾ وري هڪ ڀيرو ٻيهر ڪُجهھ مهينن بعد وڏو مانڌاڻ مچڻ وارو آھي ۽ سياسي عدم استحڪام واري هوا جيڪا ڪُجهھ وقت لاءِ رُڪجي وئي هُئي سا به هاڻي تيز ٿيڻ واري آھي. ٻيون سَڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر 28 مئي گُذريل آچر تي وزيراعظم شهباز شريف پاران اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم مقرر ڪيو ويو، اَھڙي اوچتي فيصلي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو جنهن سبب اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مُقرري نه صرف اَڄڪلهھ زيرِبحث آھي پر اُن تي ڪافي سَوال به اُٿي رهيا آھن ته پنهنجو فُل ٽائيم وزير اعظم هوندي، مسلم ليگ (ن) کي نائب وزير اعظم ضرورت ڇو پيش آئي؟ يا وري اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظمي (ن) ليگ لاءِ ايتري اَھم ڇو…؟؟

پاڻَ اُن سَموري صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پهرين هن فيصلي جي ٽائمنگ تي ضرور ڳالهائينداسين ڇو ته هن فيصلي جي ٽائيمنگ ڏاڍي دلچسپ آھي. هڪ پاسي، شھباز شريف سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيندڙ اڪنامڪ فورم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهھ ويل هو. جتان ھُن 28 مئي آچر جي موڪل واري ڏهاڙي اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مُقرري واري نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو. ٻئي پاسي، نواز شريف چائنا جي دوري تي ويل هو. شايد ان لاءِ به هي فيصلو خاصو زيرِبحث آھي. اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم بَڻائڻ پُٺيان هيٺيان سبب ٿي سگهن ٿا. اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم مقرر ڪرڻ پُٺيان سَڀ کان وڏو سبب مسلم ليگ (ن) جي سينئير قيادت ۽ شريف ڀائرن ۾ اعتماد جي کوٽ آھي. مسلم ليگ (ن) جي قيادت نه رڳو 8 فيبروريءَ واري عام چونڊن جي نتيجن بعد عدم اعتماد جو شڪار آھي پر نواز شريف جي شھباز شريف کي وزير اعظم بڻائڻ واري فيصلي جي به حق ۾ ناهي. مسلم ليگ جي سينئير قيادت ۾ اَڄ به ان معاملي تي ٻه خيال موجود آھن هڪ ته وزيراعظم نواز شريف کي پاڻَ ٿيڻ گهرجي ها ٻيو ته نواز شريف جي وزير اعظم نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي ها. مسلم ليگ جي سينيئر قيادت ۾ شهباز شريف کي طاقتور ڌُرين جي تَمام ويجهو۽ اُنهن جي ها ۾ ها ملائيندڙ طور ڏٺو وڃي ٿو ۽ اُنهن جي خيال ۾ شهباز شريف طاقت ور ڌُرين ۽ اتحادي جماعتن سان تَمام گهڻو ڪمپرومائيز واري پاليسي اپنائي رهيو آھي.جنهن سان هو تَمام گهڻو استعمال ٿي رهيو آھي ۽ پارٽي پوزيشن به خراب ٿي رهي آهي، تنهنڪري نوازشريف پاران اسحاق ڊار شهباز شريف تي تي نظر رکڻ ۽ اُن جي ويجهو رهڻ لاءِ نائب وزير اعظم مقرر ڪرايو آهي.ٻيو سبب اهو به آھي ته هن اتحادي حڪومت ۾ زرداري جي صدر ۽ محسن نقوي جي گهرو وزير ٿيڻ بعد شهباز شريف جي حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ حيثيت تمام گهڻي گهٽجي وئي هُئي، اهي خبرون به ليڪ ٿي رهيو هون ته محسن نقوي وزير اعظم جا اختيار استعمال ڪري رهيو آهي نه صرف ايترو پر محسن نقوي جي وزير اعظم ٿيڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري۽ انوار الحق ڪاڪڙ مان ٻنهي مان ڪنهن به هڪ کي نائب وزير اعظم طور مقرر ڪرڻ جون خبرون به اپريل مهيني جي آخري ڏينهن ۾ اچي رهيو هيون. تنهنڪري مسلم ليگ اَهڙي بلاول ۽ ڪاڪڙ فارمولي کي رد ڪري ڪندي ۽ محسن نقوي کي وڌيڪ هيٺائون ڏيکارڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو آھي.

ٽيون سبب اهو آھي ته اسحاق ڊار مسلم ليگ (ن) جي هر حڪومت ۾ وزير خزانه رهيو آھي ۽ مسلم ليگ (ن) هُن جي هر ڀيري اهڙي ضد پوري ڪئي آهي پر هن ڀيري طاقتور ڌُرين اسحاق ڊار جي ناڻي واري وزير طور مُقرري جي سُخت مخالفت ڪئي ۽ اُن جو اَھم سبب اسحاق ڊار جي گُذريل سورنهن مهينن واري پي ڊي ايم حڪومت ۾ انتهائي خراب ڪارڪردگي هو. تنهن ڪري اسحاق ڊار کي هن ڀيري وفاقي پرڏيھه وزير بَڻائڻ تي آماده ڪيو ويو هو پر هو اُن تي به خوش نه هو. نواز شريف اُن کي وزارت خزانه نه ملڻ جي اَزالي طور نائب وزير اعظم مقرر ڪري هُن کي ناڻي واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي مٿانهون عُهدو ڏياريو ۽ هُن کي بَرتري ڏيکاري راضي ۽ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. چوٿون سبب اهو آھي هن اتحادي حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) کي هٿ ٻَڌي ويهاريو ويو آھي ۽ ائين لڳي رهيو آھي ڄڻ مسلم ليگ (ن) جي هن حڪومت ۾ ڪا به مرضي نه آھي جيڪو مٿان فيصلو ٿي ٿو اُهو ئي حتمي ۽ سرڪاري هُجي ٿو. طاقت ور ڌُرين جو لاڙو گهڻو ٻين اتحادي جماعتن تي آھي ۽ وزير اعظم وارو ڪم به گهڻي ڀاڱي محسن نقوي ۽ پنهنجي ٻين اهڙي ڪردارن ذريعي ڪرائي رهيا آھن تنهن تي نواز شريف نا خوش آھي هو چائنا به يارن کي پارت ڪرائڻ ۽ ڪنهن به اَڻوندڙ ڏُکئي وقت ۾ مدد جي اَپيل لاءِ ويو ھو جتان هو-ڪُجھ طاقتور ٿي موٽيو ۽ اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم مقرر ڪرائي طاقتور ڌُرين کي اهو پيغام ڏنائين ته شهباز شريف اڪيلو ناهي ۽ جيڪڏھن شريف کي هٽايو ويو ته اَسان جو وزير اعظم جو اُميدوار اسحاق ڊار هوندو.

جيڪڏهن نائب وزير اعظم جي اَختيارن ۽ عهدي جي ڳالھ ڪجي ته نائب وزير اعظم ڪو آئيني عهدو نه پر هڪ علامتي ۽ نمائشي عهدو آھي-جنهن جي نه آئين ۾ اجازت مليل آھي نه ئي وري منع ٿيل آھي بلڪه اُن کي وزير اعظم جي صوابديد طور ڏٺو وڃي ٿو. اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم مقرر ڪرڻ جو مسلم ليگ (ن) جو اهو فيصلو شهباز شريف تي نظر رکڻ، محسن نقوي ۽ ناڻي واري وزير کي تارا ڏيکارڻ، اهو عهدو پ پ پ يا وري ڪنهن اليڪٽيبل کي نه ڏيڻ، اسحاق ڊار کي خوش ڪرڻ، مٿانهون ڏيکارڻ ۽ نواز شريف جو طاقتور ڌُرين کي اشارو ڏيڻ کان علاوه ڪُجهھ به نه آھي. باقي اُن عهدي سان اتحادي حڪومت ۽ طاقتور ڌُرين توڙي جو حڪومت ۾ شامل اتحادين ۾ اختلاف پيدا ٿي سگهن ٿا.

هڪڙي طرف هاڻي بجيٽ کان بعد عين ممڪن آھي ته پ پ پ به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندي. جيڪا پڻ وزارتن ۾ به حصو وٺندي ۽ خاص طور تي پرڏيهي وزير جو عهدو بلاول کي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي جنهن سان به ڳالهيون اختلافن طرف وڌي سگهن ٿيون. ٻئي پاسي عمران خان سان به ڳالهيون هلي رهيو آھن جيڪي ڪُجھ مهينن ۾ فائنل ۽ ڪامياب ٿي وينديون-هو جيل کان ٻاهر اَچي ويندو. جنهن کي به ڪُجھه نه ڪُجھه ڏنو ويندو. مطلب، مسلم ليگ (ن) کي هر پاسي ءَ کان خطرو محسوس ٿي رهيو آھي تنهن ڪري نواز شريف کي هاڻي سمجھه ۾ نٿو اَچي ته هو پارٽي بچائي، ڀاءُ جي ڪرسي بچائي يا وري ڌيءَ جي وزارت اعلي بچائي؟ اَھڙي صورتحال ۾ هو اهڙا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.