مزدورن جي ڪمائي سان مخصوص طبقو عياشي ڪري رهيو آهي: حافظ نعيم

لاهور (پ ر+ بيورو )امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته منظم جدوجهد سان ئي مزدورن کي حق ملندا، اسان جي آڏو ٻه  رستا آهن حالات کي قسمت سمجھي قبول ڪيو وڃي يا ڪرپٽ نظام خلاف مزاحمت ڪيو، مزدورن جي ڪمائي سان مخصوص طبقو عياشي ڪري رهيو آهي، ائين نه لهندو، حڪمران هڪ طرف قوم جي حق تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن ٻئي پاسي ڪشتو کڻي بيٺا آهن، فارم 47 جي بنياد تي جعلي حڪومت مڙهي وئي آهي حڪمران هارين مٿان تشدد ڪري انهن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪري رهيا آهن، مزدورن جي عالمي ڏينهن تي منصوره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي چيو ته نگران حڪومت ذخيرن جي کوٽ ڄاڻائي هڪ ارب ڊالر جي ڪڻڪ برآمد ڪئي هاڻي هارين کان ڪڻڪ خريد نٿي ڪئي وڃي، غريب هاري طبقو هاڻ ڪاڏي وڃي، تقريب ۾ سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف، امير جماعت اسلامي لاهور ضياءَ الدين انصاري، ايڊووڪيٽ نائب امير لاهور ذڪر الله مجاهد ۽ امير ضلع عربي لاهور عبدالعزيز عابد به ان موقعي تي موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.