اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ بريسٽر علي ظفر چيو آهي ته حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسان وٽ ڪيترائي آئيني آپشن موجود آهن، اسان جي حڪومت پڻ عدم اعتماد جي رٿ ذريعي ختم ڪئي وئي هئي جيڪو پڻ آئيني عمل هو، علي ظفر وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته موجوده وقت ۾ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ اها سينيٽ ۾ پڻ وڏي جماعت بڻجي ويندي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي بريسٽر علي ظفر چيو آهي ته نواز ليگ اندرو ني اختلاف ۽ پارٽي ۾ ڀڃ ڊاهه جي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم مقرر ڪيو آهي. هن اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن ڪو وزير اعليٰ اسلام آباد ۾ چڙهائي جي ڳالهه ڪري ٿو اها غير آئيني ڳالهه سمجهي ويندي جنهن جي آئون مخالفت ڪندس.