ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جي نجڪاري جي مخالفت ڪندي وفاق کي پيغام ڏنو آهي ته ادارن جي نجڪاري نه کپي، ادارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بحال ڪيا وڃن. پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ رضا رباني چيو ته ٽريڊ يونينز نه هجڻ ڪري جمهوري ملڪ جو خزاني وارو وزير نجڪاري کانسواءِ ٻي ڳالهه نه ٿو ڪري، پي آءِ اي جي نجڪاري غير آئيني آهي اها نه ٿيندي، اهو فيصلو سي سي آءِ کي ڪرڻو آهي ته اهو پرائيويٽ ٿيڻو آهي يا نه، ٻڌايو وڃي ته پي آءِ اي جي ملڪيتن ۽ هوٽلن جو ڇا ٿيندو، هن چيو ته نجڪاري صرف آءِ ايم ايف جو عالمي سامراجي ڪم آهي، واضع پيغام ڏيون ٿا ته نجڪاري نه کپي.پورهئي کاتي جي صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو ته پ پ پهرين ڏينهن کان پورهيتن سان گڏ بيٺل آهي، پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت مثالي قانونسازي ڪئي آهي، هن صنعتڪارن کان مطالبو ڪيو ته پورهيتن جي قانون تي عمل ڪن. صوبائي وزير ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي اڪثريت مزدورن جي آهي پر پيپلز پارٽي کي مزدورن جا ووٽ به پورا نٿا پون، پيپلز پارٽي حڪومت هوندي نجڪاري ڪيئن ٿيڻ ڏني ويندي، مزدورن جي حالت ضرور خراب آهي، 1990 ۾ شروع ٿيندڙ نجڪاري جو بنيادي نقطو قرض لاهڻ ۽ ختم ڪرڻ آهي، دعوي سان چوان ٿو نجڪاري ڪيل 90 سيڪڙو ادارا بند ٿي ويا، ايم سي بي، يو بي ايل، الائيڊ بئنڪ نجڪاري ٿي ته فائدو سرمائيدار جو ۽ بربادي مزدور جي ٿي آهي.