سنجهوري ۾ ڪاڄ دوران خوشي ۾ فائرنگ، نينگر مارجي ويو

سنجھورو (رپورٽ: احد لغاري) سنجهوري شهر جي وارڊ نمبر 01 جي شيخ پاڙي ۾ شادي جي ڪاڄ دوران خوشي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ ۾  ڪاڄ جي سربراھه مصطفيٰ شيخ جو 5 ورهين جو پٽ دانيا لشيخ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو آھي، نينگر کي گولي لڳڻ کانپوءِ کيس فوري طبي امداد لاءِ تعلقي سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي شادي جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون آھن ۽ گھر ۾ ماتم برپا ٿي ويو ۽ ھر اک آلي ٿي وئي، واقعي بابت ايس ايڇ او سنجھورو  محمد علي زرداري بڌايو تھ واقعي جي سموري رخن سان جاچ ڪئي آھي واقعو اتفاقي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.