حيدرآباد ۾ زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي گنجي ٽڪر لڳ درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾  گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ فوتي جي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس پاران حد بندي جو تڪرار ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي. حيدرآباد جي گنجي ٽڪر ۽ ڪوهسار واري علائقي لڳ سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ زمين جي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڌر جو هڪ ڄڻو 30 ورهين جو نوجوان يار محمد کوسو مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل  ٿي ويو ۽ ٽنگن ۽ جسم جي مختلف حصن تي گوليون لڳڻ سبب چار ڄڻا فيض محمد، جاويد، حيدر ۽ رياض کوسو زخمي ٿي پيا آهن, ان سلسلي ۾ حسين بخش کوسي جو چوڻ آهي ته منهنجو پنهنجي ڀاڻيجن سان زمين تان معمولي تڪرار هو، هن الزام هنيو ته ميرل، فتح محمد ۽ شبير وارن چرچ ڏئي جهيڙو ڪرائي خونريزي ڪرائي آهي. هن چيو ته حد ايئر پورٽ ٿاڻي جي آهي، پر پوليس جهرڪ ٿاڻي جي حد ڄاڻائي ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن مارجي ويل منهنجو پٽ ۽ هڪ ٻئي پٽ ٻيا ڀائٽيا زخمي آهن. هن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.