پي ٽي آءِ ڊيل لاءِ درخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار ناهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل جون درخواستون  ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار نه آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان اسلام آباد تي قبضي ۽ ادارن سان ڳالهين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ طرف ادارن جي خلاف مهم هلائي رهي آهي، ٻئي طرف  منٿون ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف گروپ بندي جو شڪار آهي، هر هڪ جو پنهنجو بيان آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگردن جيان اسلام آباد تي چڙهائي جون ڌمڪيون  ڏئي رهيو آهي. اسلام آباد تي قبضي جي ڌمڪي مان ثابت ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگرد آهي.پنهنجي بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ وارا پهريان سوشل ميڊيا تي دهشتگردي ڪندا رهيا هاڻ گادي واري شهر ۾ دهشتگردي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.