رياض (م د)عالمي اقتصادي فورم جو خصوصي ٻن ڏينهن جو اجلاس اڄ کان رياض ۾ شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت هڪ هزار کان وڌيڪ مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ پاليسي تيار ڪندڙ شرڪت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن سعودي عرب پهتو هو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سميت اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ آهي. ٻن ڏينهن جي اجلاس ۾ خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪائونسل جو به وفد به وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ شريڪ ٿيندو. اجلاس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ عالمي اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آهي جن ۾ ملڪ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومت سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي عالمي تنظيمن، تعليمي ادارن ۽ اين جي اوز جا نمائنده به شامل آهن.