غزه (م ڊ) غزه ۾ بي گهر فلسطينين آمريڪي يونيورسٽين ۾ احتجاج تي شاگردن جو شڪريو ادا ڪيو آهي، غزه ۾ خيمن ۾ رهندڙ فلسطينين پنهنجي خيمن تي آمريڪي شاگردن لاءِ شڪر گذار پيغام لکيا. فلسطينين پنهنجي خيمن تي لکيو ته ”آمريڪي يونيورسٽين جي مهرباني“ ٻئي لکيو ته ”غزه جي حمايت ڪندڙ شاگردن جي مهرباني، توهان جو پيغام پهچايو ويو.