موسمياتي تبديلين وڏو متاثر ڪيو آهي : وزيراعظم

رياض (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. ورلڊ اڪنامڪ  فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2003ع ۾ جڏهن مان سعودي عرب ۾ هوس ته مون کي ڪينسر ٿيو، مون کي نيويارڪ نيو ويو ۽ منهنجو آپريشن ڪيو ويو، ان وقت مون کي هزارين ڊالر ڏئي علاج ڪرائڻو پيو، سوچيو ته منهنجي ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو اهڙي علاج حاصل ڪرڻ جي قابل آهن؟ پوءِ مان پاڪستان آيس ۽ پنجاب جو وڏو وزير بڻجي اتي گردي، جگر ۽ ڪينسر جون اسپتالون ٺاهيون، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو مهانگو علاج نٿا ڪرائي سگهن. هن چيو ته اڄ جو سڀ کان وڏو مسئلو عالمي اڻ برابري آهي، جنهن کي ڪورونا وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، ان کان علاوه موسمياتي تبديلي منظرنامي کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، 2022ع جي ٻوڏ پاڪستان کي تباهه ڪيو ۽ اسان کي ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻا پيا. هن چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان پنهنجي صوبي ۾ هيپاٽائيٽس جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون، مون بهترين ڪڊني ۽ ليور اسپتال ٺاهي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين آهي. شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ ڊينگي پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو، مون کي ان وقت ڊينگي جي خبر نه هئي، صبح کان وٺي رات تائين ماهرن سان ملاقاتون ڪندا هئاسين، اهو هڪ چيلنج هو، مون جهازن ذريعي مشينون اسپتال پهچايو  ائين اسان ڊينگي تي ڪنٽرول ڪيو. وزيراعظم چيو ته سري لنڪن وارن مون کي خبردار ڪيو هو ته هن سال توهان جي ملڪ ۾ ڪيترائي موت  ٿيندا، مون کي ان رات ننڊ نه آئي هئي. ان سال پنجاب ۾ 250 ماڻهو مري ويا. هن چيو ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.