سکر موٽر وي تان موٽر وي اهلڪار ڳوٺاڻي جو ٻڪر ڪاهي فرار

سکر (سوشل ميڊيا) سکر کان ملتان ايم 9 موٽر وي ويجهو زمينن تي چرندڙ ٻڪر کي اهلڪارن پڪڙي ويگو گاڏي ۾ وجهي فرار ٿي ويا، اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڳوٺاڻن ۾ بيچيني جي لهر پکيڙجي وئي آهي، ٻئي طرف ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽر وي روڊ کان چڱي فاصلي تي چرندڙ ٻڪري کي اهلڪار پڪڙي موٽروي تي کڻي وڃي رهيا آهن، جڏهن ته ويڊيو موجب، ڌنار معذور هجڻ سبب رڙيون ڪندي نظر آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.