جدا ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف جون روضه رسول ﷺ تي حاضري، ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريو ، وزيراعظم شهباز شريف روضه رسول صه تي حاضري ڏني. وزيراعظم شهباز شريف عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل آهي. جتي هن روضه رسول صه تي حاضري ڏيندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون .
۽ هن فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ به دعا ڪئي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به روضه رسول صه تي حاضري ڏني. روضه رسول صه تي سلام پڙهيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ دعائون گهريون. هوڏانهن سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان آخري عشري جي عبادت ۾ شرڪت جي لاءِ مڪي شريف پهتو. وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف مسجد نبوي ﷺ ۾ عشاءَ جي نماز ۽ نفل جي ادائيگي ڪئي جڏهن ته روضه رسول ﷺ تي حاضري جي سعادت به حاصل ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو اهو پهريون پرڏيهي ملڪ جو دورو آهي.