حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ هر وار رد ڪيو ويندو.
فيسبڪ تي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته” اڄ طاقتور ماڻهو نقشا ٺاهي سنڌ کي ورهائڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، پر تاريخ جا فيصلا رڳو اقتدار جي ميز تي ناهن ٿيندا، پر قومن جي شعور سان لکبا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ هر وار رد ٿيندو.