وڄا ته به آزار، نه وڄا ته به! رش کي ننڊ مان جاڳائڻ تي ٻيڙي واري مٿان 13 لک ڏنڊ

يقين ڪرڻ ڏکيو لڳندوهوندو، پر ناروي ۾ واقعي اهڙو حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي.

ناروي جي علائقي سوالبارڊ جي پاڻيءَ ۾ هلندڙ هڪ ٻيڙيءَ تي فوگ هارن وڄائڻ سبب 5 هزار 255 ڊالرن کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هارن جي شور سبب ننڊ ۾ ستل هڪ قطبي رڇ جاڳي پيو.

سوالبارڊ وارو علائقو اتر قطب کان لڳ ڀڳ 620 ميل جي مفاصلي تي واقع آهي.

آگسٽ جي شروعات ۾ اها ٻيڙي ان علائقي مان گذري رهي هئي. ٻيڙيءَ مان هارن وڄائڻ سبب قطبي رڇ جي ننڊ متاثر ٿي ۽ اهو اتان ٻي هنڌ وڃڻ تي مجبور ٿيو، جنهن تي ٻيڙيءَ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

سوالبارڊ جي گورنر لارس فاؤسي چيو ته ٻيڙيءَ تي سوار ماڻهن خشڪيءَ تي هڪ قطبي رڇ کي ستل ڏٺو هو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيڙيءَ تي موجود هڪ شخص فوگ هارن وڄايو، جنهن جي آواز سبب قطبي رڇ جاڳي پيو ۽ ٻي هنڌ هليو ويو.

گورنر جي آفيس پاران هن ”ناقابلِ برداشت“ عمل تي 5255 ڊالرن جو ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

هارن وڄائيندڙ شخص، جنهن جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي، ڏنڊ ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.

مقامي قانون موجب بنا ڪنهن مقصد جي قطبي رڇ جو پيڇو ڪرڻ يا ان کي تنگ ڪرڻ ڏوهه آهي.

You might also like