گووندا جي زال سنتيا آهوجا طلاق جو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار گووندا جي زال سنيتا آهوجا طلاق جو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو، اداڪار جي ٽيم تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي جي فيملي ڪورٽ ۾ اچڻ کانپوءِ گووندا جي مئنيجر تصديق ڪئي ته 59 ورهين جي سنيتا آهوجا پنهنجو طلاق وارو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سنيتا آهوجا فيملي ڪورٽ ۾ پنهنجي پٽ يَشوردھن آهوجا سان گڏ نظر آئي، جنهن کانپوءِ سندس ازدواجي زندگي بابت نيون قياس آرائيون شروع ٿي ويون.

ان موقعي تي پاپارازي فوٽوگرافرن سنيتا آهوجا کان عدالت اچڻ جو سبب پڇيو ته هن مرڪندي جواب ڏنو، ”جنم ڏينهن ملهائڻ آئي هيس.“

ڀارتي ميڊيا موجب هن وقت پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. گووندا جي مئنيجر ششي سنها چيو ته، ”سڀ ماڻهو ڇو ڊڄي رهيا آهن؟ سنيتا جي پنهنجو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو آهي، اها ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“

عدالت ۾ سنيتا جي سخت رويي بابت ششي سنها چيو ته ”هوءَ ايتري ڪاوڙ ۾ نظر آئي ته سڀني سمجهيو هوندو ته ڪو مسئلو ٿيو آهي، پر هاڻي جوڙي وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“

ذريعن موجب سنيتا آهوجا 5 ڊسمبر 2024ع تي فيملي ڪورٽ ۾ هندو ميريج ايڪٽ تحت بي وفائي، بدسلوڪي ۽ ڌار رهڻ کي بنياد بڻائيندي طلاق جي درخواست داخل ڪئي هئي.

گووندا ۽ سنيتا آهوجا  1987ع ۾ شادي ڪئي هئي. ٻنهي جا ٻه ٻار آهن، جن ۾ 37 ورهين جي ٽينا آهوجا ۽ 29 ورهين جو يَشوردھن آهوجا شامل آهن.

You might also like