ڪراچي (رپورٽر) سنڌ کي انتظامي بنيادن تي ورهائڻ جي تجويز کي سنڌ جي وجود، وحدت ۽ تاريخ لاءِ خطرو قرار ڏيندي ڪراچي ۾ ٿيل ملڪ گير ڪانفرنس ۾ دانشورن، اديبن، قانوندانن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. مقررن چيو آهي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، جڏهن ته سنڌ جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ بدران نون صوبن جون ڳالهيون ڪرڻ کي مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ويو. دي انٽيليڪچوئل فورم سنڌ پاران پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر جي سهڪار سان ”سنڌ جي ورهاڱي خلاف ملڪ گير ڪانفرنس“ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف ساڃاهه وندن، دانشورن، اديبن، قانوندانن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مير افسرالدين ٽالپر چيو ته اسين ستر سالن کان ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، پر جيڪڏهن ملڪ ۾ مجرم آزاد هجن ۽ انصاف نه ملي ته احساس محرومي وڌندي. هن چيو ته سڀ قومون متحد ٿين، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي. سنڌ دوست ڏاهي ۽ پاڻي جي معاملن جي ماهر نصير ميمڻ چيو ته پاڪستان قرضن ۾ دٻيل، خساري جو شڪار ۽ معاشي طور تباهه حال آهي، اهڙي صورتحال ۾ به نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پهريان ملڪ جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين وفاقي حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ حاصل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته معدني وسيلا صوبن جي ملڪيت هجڻ گهرجن. هن الزام هنيو ته نوان صوبا ٺاهي ”ڊمي“ وزيراعظم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نصير ميمڻ چيو ته مسئلا اسلام آباد جي مرڪز ۾ به موجود آهن، جڏهن ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ نئون صوبو ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه اچڻ واري سوچ تي به سوال اٿارڻ گهرجن. هن موجوده ميڊيا جي ڪردار تي تنقيد ڪندي چيو ته اردو ميڊيا سنڌ جي مسئلن کي مناسب انداز ۾ اجاگر نٿي ڪري، تعصبي نقطه نظر ختم ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته هي دور جنگ جو دور آهي ۽ اها جنگ جمهوريت ۽ آئين جي بقا جي جنگ آهي. هن چيو ته جڏهن پيڪا ايڪٽ آندو ويو ته ڪنهن به احتجاج نه ڪيو، قومي بئنڪن جي نجڪاري وقت به ڪو وڏو احتجاج نه ٿيو، عورتن ۽ مزدورن جي مسئلن تي به جدوجهد محدود رهي، پر سنڌ جي مسئلي تي سڀ گڏ نظر اچن ٿا. هن چيو ته اسان صرف ”اشوز جي سياست“ ڪريون ٿا؛ ڪئنالن خلاف احتجاج ٿين ٿا پر ڪئنال تعمير ٿيندا پيا وڃن، هاڻي سوال اهو آهي ته اينٽي ڪئنال تحريڪ جا اڳواڻ ڪٿي آهن؟ قيصر بنگالي چيو ته اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج ڪيا وڃن ۽ جدوجهد رڳو تقريرن تائين محدود نه هجي، عملي قدم کنيا وڃن. ”اسين ماتم ڪندا رهنداسين ۽ اهي پنهنجو ڪم ڪندا رهندا“، هن چيو. ناليواري قانوندان شهاب اوستو چيو ته سڀ کان پهريان اهو طئي ڪرڻو پوندو ته اسان جو دوست ڪير ۽ دشمن ڪير آهي. هن ملڪ جي سياسي ۽ آئيني صورتحال تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نظر نٿي اچي، گڊ گورننس نالي ماتر آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪا به چونڊ مڪمل طور شفاف نه ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٽي آئين ٺاهيا ويا ۽ اهي ٽيئي ناڪام ويا. ناليواري اردو دانشور ۽ صحافي ناظر محمود چيو ته ”مهاجرن بابت مهاجر ئي ڳالهائي سگهي ٿو، مان مهاجر آهيان، پر ترقي پسند گروپ سان واسطو رکان ٿو.“ هن چيو ته هن سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين ترقي پسند اديبن ۽ دانشورن کان سکيا ورتي. ناظر محمود اردو ميڊيا تي تنقيد ڪندي چيو ته اردو ميڊيا سنڌ دشمني وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ”ڀٽو زنده آهي“ واري نعري کي به غلط انداز سان پيش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صوبي ٺاهڻ جو مطالبو بدنيتي تي ٻڌل آهي، مهاجرن کي به اک کولڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ورهاڱي وارو شوشو ختم ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر بخت جمال چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهن. هن الزام هنيو ته ملڪ ۾ جعلي ووٽ داخل ڪيا وڃن ٿا ۽ وفاق سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن خبردار ڪيو ته ”سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي وئي ته پاڪستان به نه بچندو.“ اشفاق ميمڻ چيو ته نئين صوبي جو مسئلو ڪو ڊرامو نه پر هڪ وڏي ۽ لڪل سازش آهي، جيڪا انتظاميا طرفان اڳتي وڌائي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ بدران آئيني ترميمون آڻڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ايوبي آمريت جا پاڇا ٻيهر گشت ڪري رهيا هجن. سماجي اڳواڻ شازيه نظاماڻي چيو ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ تي مختلف طريقن سان حملا ٿيندا رهيا آهن، ون يونٽ مڙهيو ويو، مارشل لا لڳائي وئي ۽ سنڌ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو.پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته سنڌ جو ورهاڱو هڪ ٻرندڙ مسئلو آهي، سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ضرورت ئي ڇو پيش اچي رهي آهي؟ هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري نئون صوبو ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ڪي يو جي اڳواڻ طاهر حسن خان چيو ته هڪ مخصوص ٽولو صوبي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪا ڳالهه ڪجهه عرصي کان پوءِ پاڻ ئي ختم ٿي ويندي. هن چيو ته ن ليگ لاهور تائين محدود آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي به واضح ڪري چڪي آهي ته سنڌ جو ورهاڱو قبول نه ڪيو ويندو. محبوب شيخ چيو ته ورهاڱي وقت جعلي ڪليم ذريعي اردو ڳالهائيندڙن ملڪيتون حاصل ڪيون. هن چيو ته اسان اردو ڳالهائڻ سکي، پر ڪيترن اردو ڳالهائيندڙ دوستن ۽ ڪلاس فيلو سنڌي ٻولي سکڻ ۾ دلچسپي نه ورتي. عبدالمومن ميمڻ چيو ته ملڪ جون بنيادون مذهب جي نالي تي رکيون ويون آهن ۽ قرآن عوام جا حق نه کسڻ جو درس ڏئي ٿو، پر هتي قرآن جي نافرماني ٿي رهي آهي. هن چيو ته ملان ۽ مذهب ۾ فرق رکڻ گهرجي. ”اسين زنده قوم آهيون، جو اڄ سڀ گڏ ويٺا آهيون. مئڊم نسيم زاهده چيو ته هوءَ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهي ۽ سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌي ڳالهائڻ نٿي اچي. هن سنڌ جي ورهاڱي کي ”ناپاڪ سازش“ قرار ڏيندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته هوءَ ملير، ڪاٺوڙ ۽ گڏاپ جي ڳوٺن ۾ ويندي رهي ٿي ۽ اتان جي ماڻهن سان به رابطي ۾ آهي. شبير چانڊيو چيو ته سنڌ تاريخي طور آزاد ۽ خودمختيار رياست رهي آهي ۽ سنڌ اسيمبلي ئي پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي هئي. ڪانفرنس کي ٻين ڪيترن ئي مقررن پڻ خطاب ڪيو ۽ سنڌ جي وحدت، وسيلن، پاڻي، معيشت، جمهوريت ۽ آئيني حقن بابت خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خليل چانڊيو مختلف قراردادون پيش ڪيون، جڏهن ته غلام اڪبر ملڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن ۽ مقررن جا ٿورا مڃيا.