اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته هڪ تمام اهم ايشو آهي جنهن لاءِ مان حڪومت جوخاص ڌيان چاهينديس. هتي مون کي پارلياماني معاملن جو وزير نظر نٿو اچي، نه ئي قانون وارو وزير نظر اچي ٿو، پر مان پوءِ به هيءُ ايشو اٿارڻ چاهينديس،قومي اسيمبلي ۾تقرير ڪندي هن چيو ته اسان سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائڻ وارو اشو اڳ به اٿاريو هوقانون واري وزير پاران خاطري ڪرائي وئي هئي ته اسان جي ان خدشي کي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل هڪ تمام اهم آئيني فورم آهي، جنهن جي باري ۾ پاڪستان جي آئين ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڪيتري عرصي اندر ان جو اجلاس ٿيندو ۽ ڪهڙا اهم معاملا وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هتي بحث هيٺ آندا ويندا.هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته وفاقي حڪومت کي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نظر نٿي اچي. اسان ڪيترائي ڀيرا کين سي سي آءِ جو ريمائينڊر ڏنو، اسان کي خاطريون مليون، پر اڄ تائين سي سي آءِ جي ميٽنگ ناهي گهرائي وئي.هن چيو ته وفاقي وزير هتي ويٺل آهي،هيءُ تاريخ چيڪ ڪري ٻڌائي ته آخري سي سي آءِ جي ميٽنگ ڪهڙي تاريخ تي گهرائي وئي هئي؟صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ معاملن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي،اهڙا سوال جن جو تعلق صوبائي معاملن سان آهي، پر وفاقي حڪومت سان مشاورت سان حل ڪرڻا پوندا آهن. جيڪڏهن توهان 90 ڏينهن اندر پنهنجي ميٽنگ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو نٿا گهرايو، ته توهان آرٽيڪل 154 جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيوهن چيو ته مان پارلياماني معاملن جي وزير کان هيءُ سوال ڪنديس ته مون کي ٻڌائي ته آخري سي سي آءِ جو اجلاس ڪهڙي ڏينهن گهرايو ويو هو،؟ قانون وارو مملڪتي وزير به ٻڌائي سگهي ٿو.