بدين ۾ انا انڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران انا انڙن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي بدين  صدر شازيه احمداڻي، ريشمه سانول، بختاور جمالي، ماروي عابده سمون، بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ، زين شاهه، اسلم ملاح، ستار ملاح، وليداد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضيه واهه جي موري کان ايوان صحافت بدين تائين احتجاجي مظاهريو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سانول گوپانگ چيو ته انا انڙ کي وڏي بيرحمي سان قتل ڪرڻ کان پوءِ ماٺ ميٺ ۾ معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوليس حد جو جواز ڄاڻائي معاملي کي رفا دفا ڪري ڇڏيو، هاڻ پوليس جلد کان قاتل گرفتار ڪري  سگهي ٿي، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر شازيه احمداڻي چيو ته سنڌ هن وقت مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي  روز ڪو لاش ملي ٿو، ريشمه سانول ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا سڀني پاسن کان جاچ ڪري ۽ انا انڙ جي قاتلن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي ان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، بچل احمداڻي چيو ته سنڌ ۾ عورت انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آھي اغوا ڪيون وڃن ٿيون، قتل ۽ تشدد جا واقعا ٿين ٿا پر ذميوارن کي ڪا به سزا نٿي ملي، رشيد گوپانگ عابده سمون اسلم ملاح ۽ ٻين چيو ته انا انڙ جي قتل تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي، سڄي سنڌ ان جي وارث آهي، اڳواڻن چيو ته قتل ڪيس ۾ ڪا به لاپرواهي ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.