پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته چيف سيڪريٽري جي مقرري تي وفاق کي پنهنجي ذميواري جو احساس ڪرڻ گهرجي، وڏي وزير جو حق آهي ته هو پنهنجي پسند جي ٽيم جوڙي.
چيف سيڪريٽري جي مقرري واري معاملي تي ردعمل ڏيندي بئريسٽر سيف الله چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي پسند جا چيف سيڪريٽري ڏنا ويا آهن ته پوءِ خيبرپختونخواهه کي ڇو نه ڏنو پيو وڃي؟ ، هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو هاڻوڪو چيف سيڪريٽري سٺو ۽ قابل بيوروڪريٽ آهي، اسان جو ڪو به ذاتي اختلاف ناهي پر خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت آهي، آفيسر به پنهنجي مرضي کي مسلط ڪرڻ چاهين ٿا.ڊاڪٽر سيف چيو ته اسان کي انهن آفيسرن ذريعي خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت هلائڻي آهي. وڏي وزير وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري جي مقرري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي پر ان باوجود معاملي کي سياسي تڪرار بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته چيف سيڪريٽري جي مقرري ۾ دير ڪري وفاق اسان سان زيادتي ڪري رهيو آهي،
وفاق خيبرپختونخواهه سان اعليٰ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته هو وفاق کان ٻاهر نه پر پنهنجي ملڪ مان بيوروڪريٽ طلب ڪري رهيا آهن.