پنجاب ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ ملڻ خلاف احتجاج جو اعلان

لاهور(م ڊ ) هاري اتحاد جي چيئرمين چوڌري خالد حسين چيو آهي ته سڄي پنجاب جا هاري عيد کانپوءِ ڪڻڪ جي گهٽ امدادي قيمت تي سخت احتجاج ڪندا.پنهنجي بيان ۾ چوڌري خالد حسين چيو ته حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3900 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي،

جيڪو تمام گهٽ آهي، گذريل سال به ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4000 رپيا هو. چيئرمين ڪسان اتحاد چيو ته هارين کان کاڌن، يوريا، ڊي اي پي، بجلي ۽ ڊيزل سميت سمورين شين جا ٻيڻا اگهه وصول ڪيا ويا آهن، زرعي اثاثا به ٻيڻ کان وڌي ويا آهن، مهانگائي جي تناسب سان اگهه مقرر ڪرڻ بدران حڪومت گذريل سال جيترو اگهه مقرر ڪيو آهي. چيئرمين کسان اتحاد خالد حسين باٿ چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز دعوائون ڪيون پر بدقسمتي سان هوءَ پنهنجي پهرين دعويٰ ۾ ناڪام وئي آهي، هن هاري دشمن ۽ ظالماڻي پاليسي اختيار ڪئي آهي، خالد حسين باٿ کي گهرجي ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه في مڻ 5000 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4600 رپيا مقرر ڪيو آهي پر پنجاب جي هارين سان ظلم ڇو ڪيو پيو وڃي، عيد الفطر کانپوءِ سڄي پنجاب جا هاري سخت احتجاج ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.