جڏھن حڪومت جون اختياريون ۽ سياسي قيادت گھربل نتيجا نھ ڏئي سگھنديون آھن تھ پوءِ عام ماڻھو پڻ عدليھ ڏانھن ڏسڻ شروع ڪندا آھن.پراونشل جڊيشل ڪميٽي جو اجلاس بھرحال امن امان جي صورتحال تي مثبت بحث ڪيو آھي.جنھن ۾ چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ کي لاڳاپيل اختيارين صورتحال بابت آگاھي ڏني آھي.توقع ڪجي ٿي تھ ان جا بھتر نتيجا سامھون ايندا.
ڪجھھ وقت کان سنڌ جي اترين ضلعن ۾ اغوا ۽ ڌاڙيلن جي ڪاررواين سان عام ماڻھو جي زندگيءَ خطري ۾ آھي.جنھن کي تحفظ ڏيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انصاف جي ادارن جو ڪم آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ھدايت ڪئي آھي تھ 15 ڏينھن اندر امن امان بھتر ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي.ھن ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن خلاف پڻ سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ڪراچي ۾اسٽريٽ ڪرائيم ۽ اترين ضلعن ۾ اغوا ۽ غيرمعمولي بدامني خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت ڪندي. سنگين ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت اثرائتا قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي.
گذريل ڏينھن صوبائي جڊيشل ڪميٽي جو اھم اجلاس سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي، لاڙڪاڻي، سکر سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وفاقي سيڪريٽري قانون ۽ انصاف، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، آءِ جي جيل،ڊي جي رينجرز ، ڊي آءِ جي سکر ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
چيف جسٽس ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي مان شهرين جي اغوا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صورتحال تي بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز صوبي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي بريفنگ ڏنيون ۽ رپورٽون پيش ڪيون.
ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن به رپورٽون پيش ڪيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي، ڊي آءِ جي سکر کان هڪ هفتي اندر ڌاڙن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪري اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ امن امان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ساڍا 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت جاري اجلاس ۾ چيف جسٽس اختيارين کي حڪم ڏنو ته ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي چاهي اهو ڪيترو به طاقتور ڇو نھ هجي.ھن امن امان ۾ خلل وجهندڙن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ھدايت پڻ ڪئي.
اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اجلاس جا ٽي ايجنڊا هئا، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، سيف سٽي ۽ ڌاڙن جو معاملو. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ڪراچي، سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ بار ايسوسي ايشن جا اڳواڻ پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ گهوٽڪي ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور جي ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن بابت غور ويچار ڪيو ويو.چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته موٽر ويز، هاءِ ويز وارن شهرن ۾ گشت وڌايو وڃي، اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ پوليس جو تعداد پڻ وڌايو وڃي،
آءِ جي سنڌ چيو ته اسان وٽ 45 هزارن جي فورس آهي جنهن مان 10 هزار اهلڪار مختلف شخصيتن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ امن امان جي صورتحال تي سنڌ جي قانون واري وزير جي راءِ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،ھن چيو تھ جيڪڏهن امن امان بابت اهڙي راءِ آهي ته ھو ڪهڙو ايڪشن وٺندو؟
چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ وڌندڙ واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته صوبي ۾ بدامني آهي، ماڻهن کي ڇو اغوا ڪيو پيو وڃي، شهرين جي اغوا ۾ ڪير ملوث آهن ٻڌايو وڃي.
اجلاس کان پوءِ پراونشل جسٽس ڪميٽي جي ميمبر ريحان عزيز ملڪ ٻڌايو ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪري ڪچي ۾ وٺي وڃن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف هو ته پوليس جي سرپرستي کان سوا ائين ڪچي جا ڌاڙيل سرعام ڪارروايون نٿا ڪري سگهن.ھن ٻڌايو ته چيف جسٽس ھاءِ ويز ۽ شھرن جي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ پڪٽون ۽ پيٽرولنگ وڌائڻ جو حڪم ڏنو آھي،
چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ جي صاحب ڇا پيا ڪريو ماڻهو مرن پيا، جواب ۾ آءِ جي وراڻيو ته ميڊيا گهڻي هائپ پئدا ڪئي آهي، چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ ايئن ته ناهي جو ڪجهه به نه پيو ٿئي، ميڊيا غلط رپورٽ پئي ڪري پر ڏھ نه ته چار واقعا ته ٿي رهيا آهن. ايس ايس پي ٻن ٻن مهينن ۾ ڇو هٽايا ٿا وڃن؟ آفيسرن کي پوسٽنگ جي مدت ڇو پوري نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ جو حڪم موجود آهي ڇا اوهان مٿان سياسي دٻاءُ آهي.
چيف جسٽس جي صدارت ۾ صوبي ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ مخلتف کاتن جي عملدارن بريفنگ ڏني.جنھن بعد انھن کي ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪئي وئي آھي.پر مجموعي طور تي اجلاس ۾ معزز چيف جسٽس صاحب خاصا اھم سوال اٿاريا آھن،جن جو جواب لاڳاپيل ادارن جا عملدار نھ ڏئي سگھيا اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ آءِ جي سنڌ بھ ھڪ موقعي تي چيو تھ امن امان بابت ميڊيا ھائپ پئدا ڪري رھيو آھي.
جيتري قدر ادارن تي سياسي دٻاءَ جو سوال آھي تھ اھو تھ ماضي ۾ اڪثر ٿيندو رھيو آھي.جنھن ڪري ھر دور ۾ اھو خدشو پنھنجي جاءِ تي موجود رھي ٿو.معاملو ھي آھي تھ جيڪڏھن پوليس ۽قانون لاڳو ڪندڙ ادارا باريڪ بيني سان ڪم ڪن تھ ڏوھن جي روڪٿام ٿي سگھي ٿي.
ڪراچي ۾ ھن وقت اسٽريٽ ڪرائم وڌي وڃڻ ڪري ماڻھون رستي ھلندي يا ڪنھن بھ ڪم سان نڪرندي ھڪ اڄاتل خوف محسوس ڪري ٿو.ھاڻي تھ صورتحال ايتري خراب آھي جو مزاحمت ڪرڻ تي بي لغام ڏوھاري ماڻھن کي قتل ڪندي بھ نٿا مڙن، تھ وري ڌاڙيل اغوا ڪيل ماڻھن جون وڊيو جاري ڪري رھيا آھن.
اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت ھن اجلاس ۾ نشاندھي ڪيل اھم مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي امن امان کي بھتر ڪندي،جئين ھتي جو عام ماڻھو سک جو ساهه کڻي سگھي.