بدين(ڊر) لواري شريف جي رهواسڻ مبينا طور ڀاءُ هٿان بدترين تشدد ۽ جنسي زيادتي بعد قتل لواري شريف جي قبرستان ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، لواري شريف سان تعلق رکندڙ 35 ورهين جي ٽن ٻارڙن جي ماءُ انا ڌيءَ غلام مصطفيٰ انڙ جنهن شادي دادو جي شهر سيتا ڀرسان ڳوٺ چڀڙ انڙ جي رهواسي رفيق انڙ سان بدي عيوض ٿي هئي مبينا طور ڀاءُ صدام انڙ پاران سخت تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ٿي وئي، ذريعن کان معلوم ٿيو ته ٽن پٽن جي ماءُ انا انڙ 7 مهينا پھرين گهرو اڻبڻت سبب مڙس جو گهر ڇڏي حيدرآباد ۾ رهندڙ پنهنجي ڀاءُ صدام انڙ وٽ رهڻ لڳي ته مبينا طور صدام انڙ کيس گهر ۾ قيد رکي جنسي زيادتي سان گڏ بي رحماڻي تشدد جو نشانو پڻ بڻائي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش حيدرآباد شهر ڀرسان لاوارث حالت مليو جنهن جي مڙهه سندس مڙس ۽ ڀاءُ لواري شريف آڻڻ بعد ڳجهه ڳوهه ۾ لواري شريف جي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو جڏهن عورت جي قتل ۽ دفن ٿيڻ بعد مٿس بي رحماڻي تشدد ۾ ملوث جوابدار ۽ زخمن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون پر ٻنهي ضلعن جي پوليس طرفان ڪو به ايڪشن نه ورتو ويو آهي ذريعن موجب مبينا طور قتل ٿي ويل عورت انا انڙ جي مڙس رفيق انڙ جي ڀيڻ انا کي مبينا طور قيد ۾ رکي تشدد ڪري قتل ڪندڙ صدام انڙ کي پرڻائي ڏنل آهي جنهن سبب ٻنهي ڄڻن معاملي لئي مٽي ڪري عورت کي ڳجهه ڳوهه دفن ڪري ڇڏيو، سندياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ريشما سانول گوپانگ شازيه احمداڻي ۽ ٻين عورت انا انڙ جي قتل واري واقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين ۽ دادو کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.