کيبر ( رپورٽ شيراز علي جت ) کيبراڻي ٿاڻي جي حد عالم چيڪ پوسٽ ڀرسان رهندڙ ڪولهي پار ڪريو برادري جي ڪنواري ناري سان مبينا طور لڄالٽ، ماڇي برادري جي نوجوان تي ڪيس داخل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، کيبراڻي پوليس پاران جاچ جو عمل جاري ڪندي مختلف هنڌن تي چڙھايون ڪندي نوجوان عبدالغفار ولد جاويد ماڇي کي گرفتار ڪري ورتون، فريادي رمون ولد جيوڻ پارڪريو ڪولهي کيبراڻي ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرائيندي چيو ته 16سالن جي ڪنواري ڌيءَ والا ڪولهي سان ڪچي آبادي جي رهواسي عبدالغفار ماڇي ولد جاويد ماڇي زبردستي لڄالٽ ڪئي آهي، ناري کي تعلقه اسپتال مٽياري آندو ويو جتان کين ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ بعد وڌيڪ ٽيسٽن لاءِ حيدراآباد ريفر ڪيو ويو