ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ پوليس مقابلي ۾ ھڪ مبينا ڦورو مارجي ويو ۽ 7 کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. نارٿ ڪراچي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو۔،منگهوپير ۾ مقابلي ۾ ٻه واٽهڙو پورهيت قتل ٿي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو،جڏهن ته پوليس ٻن پورهيتن جي قتل جو اعتراف ڪندي هڪ جوابدار کي پڪڙي ورتو آهي. ۽ ٻيو سندس ساٿي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ افضل ولد اقبال حسين ۽ زخمي ملزم جي آساما ولد اعجاز جي نالن سان ٿي آھي. پوليس جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول گوليون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، نيو ڪراچي ٿاڻي جي پوليس موجب سيڪٽر 11 آءِ ۾ ڪي ڪي ايف سردخاني جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ جوابدار منصوف ولد محمد احمد زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو. نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي علائقي G 23 روڊ ڀرسان سيڪٽر 5 ايف ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڦورو حمزا عرف بنگالي ولد محمد طاھر کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو. پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي پوليس موجب ميوا شاھ قبرستان جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ جوابدار فريد عرف دادا کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو. گلبرگ ٿاڻي جي پوليس موجب ريلوي ڦاٽڪ موسي ڪالوني ڀرسان يوسي آفيس لڳ پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار محمد نديم عرف سبحان ولد محمد رمضان کي ساٿي جوابدار سلمان محمد عامر ولد محمد صديق کي گرفتار ڪري پستول گوليون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي. بغدادي ٿاڻي جي پوليس موجب علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار آصف عرف چڪنا کي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو.