ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ بنارس جي علائقي علي ڳڙھ ۾ دڪان تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ شخص قتل ٿي ويو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع ملندي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش ڪاروائي جي لاء اسپتال پھچايو جتي مقتول جي لاش جي سڄاڻپ آصف جي نالي سان ٿي آهي۔۔ ايس ايس پي ويسٽ مطابق مقتول مارڪيٽ ۾ ٿانو سپلائي ڪندو ھو. مقتول دڪاندار کي چيو ته مونکي پئسا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻا آهن, ۽ مقتول دڪاندار سان گڏ بئنڪ ويو دڪاندار رش ڏسي ڪري واپس آيو. مقتول پئسا جمع ڪرائي ۽ دڪان تي اچي ويٺو. ايس ايس پي موجب اوچتو موٽرسائيڪل تي 2. نامعلوم ماڻھو آيا ۽ فائرنگ ڪئي. مقتول وٺ سندس موبائل موجود آهي ۽ اڍائي لک رپين رقم بئنڪ ۾ مقتول جمع ڪرائي آيو ھو. واقعي جي وڌيڪ تحقيقاتطڪري رھيا آھيون ۽ ڀرپاسي جون سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڄن. ايس ايس پي موجب واقعو ڦر آهي يا وري ڪو ٻيو معاملو آهي تحقيقات جي بعد سامھون ايندي. ٻئي مقتول جي مامي محمد حنيف جو چوڻ آهي ته محمد آصف سيلز جو ڪم ڪندو ھو ۽ ڪراچي ۾ 8 سالن کان رھندو ھو ۽ اصل بھاولپور جو رھواسي ھو.