ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت وارو نظام تمام گهڻن مشڪل مرحلن مان نڪري اڳتي وڌي رهيو آهي، 2008ع وارين چونڊن کان وٺي لڳاتار ملڪ جو پارلياماني سرشتو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ملڪ جا پارلياماني ادارا جن ۾ سنيٽيٽ آف پاڪستان ، قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ انهن جي ذريعي قائم ٿيندڙ حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته صوبن ۾ صوبائي اسيمبليون ۽ صوبائي حڪومتون پڻ چونڊجي رهيون آهن ۽ هرقسم جي حالتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت ۽ جمهوري سرشتي جو قائم رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ يقينن اسان جي هن آمريت جي ماريل ۽ مصيبتن جي شڪار ٿيل ملڪ لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ جو پارليامينٽ ۽ ان جي ادارن ۽ جمهوريت جي واڌ ويجهه ٿيڻ ۽ پنهنجو ڪم ۽ ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي عملداري جي سندس اصل روح ۽ قانون ۽ قاعدن موجب لاڳو نه ٿيڻ وارين مشڪلاتن جي باوجود اهو جمهوري سرشتو ڪمزور حالت کان اڳتي وڌي بهتري واري پاسي وکون وڌائي رهيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهو وري بحال ۽ مضبوط ٿي رهيو آهي.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ذريعي بحال ٿيڻ بعد حڪومتن جي جوڙجڪ وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد هاڻي پارليامينٽ جي مٿين ايوان سينيٽ آف پاڪستان جي چونڊن وارو عمل مڪمل ٿيڻ واري مرحلي ۾آهي. 2 اپريل 2024ع تي سينيٽ آف پاڪستان جي سينيٽرن جي چونڊ وارو عمل وفاق ۽ ٽن صوبن سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ مخصوص سيٽن تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان اسپيڪر طرفان قسم نه کڻائڻ ڪري اتي سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ نه ٿي سگهي آهي، جنهن تي پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي گذريل ڏينهن ٿيل چوندن بعد هن مٿين ايوان ۾ حڪمران اتحاد جي جماعتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، سينيٽ ۾ مجموعي طور تي سڀ کان وڌيڪ 24 سيٽون حاصل ڪري پهرين نمبر تي اچي ويئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرن جي تعداد 20 ۽ مسلم ليگ ن جي سينيٽرن جي تعداد 19 ٿيڻ ڪري ترتيب وار اهي ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن. جڏهن ته، بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽرن جي تعداد 5، جميعت علماءِ اسلام جي سينيٽرن جي تعداد 5 ، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 3، عوامي نيشنل پارٽي جا 3 آزاد سينٽر به 3، بلوچستان نيشنل پارٽي هڪ، پاڪستان مسلم ليگ (ق) هڪ ۽ نيشنل پارٽي جي سينيٽرن جي تعداد پڻ هڪ آهي. سينيٽ ۾ عددي لحاظ کان موجوده صورتحال موجب حڪمران اتحاد کي سينيٽ جي اڌ کان وڌيڪ ميمبرن جي تعداد حاصل ٿي چڪي آهي ۽ حڪمران اتحاد جي اعلان موجب اڳوڻو وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني وڏي اڪثريت سان چيئرمين سينيٽ چونڊجي سگهي ٿو.
سينيٽ آف پاڪستان جي سينيٽرن جي چونڊ واري جاري عمل جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. وفاق ۾ حڪمران اتحاد جي جماعتن کي سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي کان به وڌيڪ اڪثريت حاصل ٿي چڪي آهي. سينيٽ جي هاڻوڪين چونڊن ۾ حڪمران اتحاد لاءِ وڌيڪ وڻندڙ ڳالهه اها پڻ سامهون آئي آهي ته ،جميعت علماءِ اسلام پڻ حڪمران اتحاد سان پنهنجا تعلقات بحال ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي . پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين سينيٽ جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مسلم ليگ نواز جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ڳالهين بعد سينيٽ جي چونڊن جو بائيڪاٽ ختم ڪري چونڊن واري عمل شامل ٿي آهي ۽ هنن جي اسيمبلي ميمبرن طرفان پنهنجا ووٽ حڪمران اتحاد جي حق ۾ وڌا ويا آهن.
خيبر پختونخوا جي 11 سينيٽرن جي چونڊن مان پڻ وفاق واري حڪمران اتحاد جي جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي ٻن سينيٽرن جي چونڊجڻ ۽ مسلم ليگ نواز جو هڪ سينيٽر ڪامياب ٿيڻ جي اميد رکي پئي وڃي. ملڪ ۾ ٿيل تازين چونڊن بعد واري سامهون آيل نتيجن ۽ ٿيل سياسي جوڙجڪ بعد هن وقت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي بعد سينيٽ آف پاڪستان ۾ پڻ اتحادي حڪمران اتحاد جي ٻن وڏين جماعتن پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي مجموعي طور تي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ مضبوط حڪومت سان گڏوگڏ پنهنجي ضرورت ۽ فيصلن موجب قانونسازي پڻ بنا ڪنهن روڪ رڪاوٽ جي ڪري سگهن ٿا .
ملڪ جي هاڻوڪي سياسي وهنوار موجب وڌيڪ اهو پڻ محسوس ٿي رهيو آهي ته، وزير اعظم ميان شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي گڏجي هلڻ ۾ ظاهري طور تي ڪنهن به قسم جي مشڪلات جو شڪار نظر نه ٿي اچي ۽ ساڳي وقت صدر مملڪت جي چونڊ جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي تازو لاهور جي دوري دوران مسلم ليگ نواز جي چيف آرگنائيزر ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز سان ٿيل ملاقاتن ۽ وري سرچاءِ ٿيڻ بعد سينيٽ جي چونڊن ۾ هڪٻئي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ ۽ پيپلز پارٽي طرفان پنجاب مان پنهنجي عورتن جي سيٽ تي واحد خاتون اميدوار کي مريم نواز شريف جي درخواست تي مسلم ليگ ن جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻائڻ سان اهو تعلق ان پاسي به بهتر ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ معلوم ٿي رهيو آهي ته اتحادين جو هڪٻئي سان ساٿ برقرار رهي ۽ ڌرين ۾ چيئرمين سينيٽ طور اتحادي ڌرين طرفان اعلان ڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪامياب ٿيڻ بعد پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ميان شهباز شريف جي حڪومت ۾ شموليت جو پڻ باضابطا اعلان ٿيڻ واريون خبرون پڻ پڌريون ٿيڻ وارا منظر ڏسڻ ۾ اچن.
امڪان آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ مانائتي نموني ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي ته اها ان ۾ شامل ٿي پنهنجو ڪو فعال ڪردار پڻ ادا ڪري سگهي. امڪاني طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي نائب وزير اعظم جي حيثيت ۽ هڪ ڀيرو وري پرڏيهي وزير بنائڻ ۽ سندن پسند کي سامهون رکندي وفاقي ڪابينا ۾ 30 کان 35 سيڪڙو وزارتن جو حصو ڏيڻ جي پيش ڪش ڪئي وڃي ته ان پيش ڪش کي يقينن پيپلز پارٽي رد نه ڪري سگهي ۽ حڪومت بناڪنهن رڪاوٽ جي مضبوطي ۽ اعتماد سان پنهنجي پنجن سالن واري مدي تائين حڪمراني ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي ته انهن کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪنهن به سطح تي ڪابه رڪاوٽ نه رهندي .