پ پ حڪومت آخر پنهنجي ووٽر هندو برادري جو ڇو نه ٿي تحفظ ڪري!؟

سکر جي سنگرار شهر مان لڳ ڀڳ اڍائي سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي والد راج ڪمار هندو پنچائت جي اڳواڻن سميت ٽيون ڏينهن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا سميت هندو برادري سان ناروا ورتاءُ کين لڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ مان هندو برادري پاڻ کي هتي غير محفوظ سمجهي رهي آهي جنهن سبب 12 سيڪڙو هندو آبادي ملڪ ڇڏي وئي آهي. هندو برادري جي ڪاروباري ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ ۽ ڀتو گهريو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان بنيادي طور تي پ پ سان گڏ آهيون، ان باوجود پ پ چيئرمين يا وڏو وزير مراد علي شاهه ڪڏهن به اسان سان ملي ڏک سور ناهي پڇيو جڏهن ته اسان پ پ جا ئي ووٽر رهيا آهيون.

سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري سان واقعي به اهو ڏو انياءُ آهي جو سنڌ سان وفاداري ۽ پ پ حڪومت جي هميشه کان ووٽر هئڻ باوجود ان کي هر دور ۾ تحفظ جو مسئلو رهيو آهي. پ پ حڪومت جي ان حوالي سان اها روش سمجهه کان ٻاهر آهي ته اها هڪ پاسي ان ڌاري آبادي کي سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ همٿائيندي رهي آهي، کين شناختي ڪارڊ ٺاهرائي ڏيندي رهي آهي جيڪا ان جي ڪڏهن ووٽر به ناهي هوندي تنهن جي جان، مال ۽ عزت جي معاملي تي فوري نوٽيس وٺندي نظر ايندي پر هندو برادري جيڪا سنڌ جو اٽوٽ حصو رهي آهي، پر جيڪا هندو برادري پ پ جي هر حال ۾ غير مشروط طور ووٽر رهي آهي تنهن جي تحفظ جو ان کي ڪو اونو ناهي جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.

هندو برادريءَ جو اهو ڏک بجا آهي ته پ پ حڪومت ڏکن سورن ۾ سندن ڀرجهلو ناهي رهي جنهن جو سڀ کان وڏو مثال پريا ڪماري جي والدين جو آهي جن جي ڌيءَ اڍائي سالن کان گم آهي پر حڪومت جي نمائندن ڪڏهن به سندن والدين سان ان معاملي ۾ ڪو پير ناهي کنيو نه ئي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪا غير معمولي ڪوشش ڪئي آهي. اها به حقيقت آهي ته هندو برادريءَ هر دور ۾ بدامني سبب لڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان کي روڪڻ جي ڪڏهن به پ پ حڪومت ڪا ڪوشش ناهي ڪئي ڄڻ اها پاڻ چاهيندي هجي ته ڀلي اهي هندو سنڌ مان لڏي هليا وڃن.

جڏهن ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ خاص ڪري واپار ۾ هندو برادري جو نمايان حصو رهيو آهي. ان ڌاري آبادي وانگر سنڌ جو کائي پي، ان مان ڪمائي ٻاهر ناڻو ناهي کڻي وئي پر ان اهو پيسو هتي ئي خرچ ڪيو آهي. هيءَ اها برادري آهي جيڪا هر دور ۾ هتي امن، ڀائيچاري ۽ رواداري سان رهي آهي. ڪنهن به مذهب، فرقي يا قبيلي سان ناهي ڦٽايو ۽ نه ئي دهشتگردي، ڪرپشن، ڌاڙي، ۽ قتل غارت ۾ ملوث رهي آهي. ان هندو برادريءَ جو رڳو اهو ڏوهه آهي ته ان سنڌ ۾ ڪاروبار کي مچايو آهي، اهو ڪاروباري ناڻو ئي اصل ۾ دشمنن ۽ سندن مخالفن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻيل رهيو آهي.

اسان ته اهو سمجهون ٿا ته موجوده معاشي بدتري کي ڏسندي نه رڳو سنڌ جي صوبائي حڪومت پر وفاقي حڪومت به جيڪر هندو برادري جي ڪاروباري صلاحيت مان فائدو وٺي ملڪ جي مجموعي معيشت کي بهتر بڻائي پر افسوس اهي حڪومتون انتهائي پرامن ۽ معاشي طور فائدو ڏيندڙ هندو برادري لاءِ اهڙو غير محفوظ ماحول بڻايو آهي جو اها هتان لڏڻ تي مجبور ٿي رهي آهي. جنهن جو نقصان هن ملڪ، سنڌ ۽ خاص ڪري پ پ حڪومت کي ٿيندو جو ان جي هڪ تمام وڏي ووٽر برادري لڏپلاڻ ڪري ويندي. هندو برادري کي ته ڀارت ۾ شايد وڌيڪ سڪون ملي پر ان جي پنهنجي ماتر ڀومي سان جيئن ته جذباتي وابستگي آهي تنهن ڪري اها ان کي ڇڏڻ جي حق ۾ نه هوندي آهي تنهن ڪري پ پ حڪومت کي سندن هر لحاظ کان مالڪي ڪرڻ گهرجي جيئن اها لڏپلاڻ تي مجبور نه ٿئي.

  • ڪراچي مان ڦرون ختم ٿيڻ بدران وڌنديون پيون وڃن

باوجود ان جي ته ڪراچي ۾ ڦرن جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا آواز اٿاريندي رهي آهي پر انهن واقعن ۾ ڪا گهٽتائي اچڻ بدران ويتر ان ۾ واڌارو ئي اچي رهيو آهي جيڪو عيدن جي موقعن تي متوقع به هوندو آهي. ائين به نه ٿو چئي سگهجي ته موجوده حڪومت جو سيٽ اپ ڪو هن سال 8 فيبروري جي چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو آهي، هيءَ سرڪار لڳاتار چوٿون ڀيرو حڪومت ڪري رهي آهي ان کي ان حساب سان امن امان جي صورتحال تي مڪمل ضابطو آڻڻ گهرجي ها.

هاڻي اها راءِ به ڏني پئي وڃي ته جيڪڏهن سنڌ جي پوليس ڪراچي ۾ ڦرن جي واقعن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ته ڇا رينجرز کي اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ پاڻ سان گڏائي نه ٿو سگهجي اها ٻي ڳالهه آهي ته رينجرز جي استعمال کي پوليس کاتي جو استحصال ۽ سندن ڪمن ۾ مداخلت پڻ سمجهيو ويندو آهي. عام تاثر هتي اهو هوندو آهي ته پوليس کاتي کي مضبوط ڪيو وڃي رينجرز تي بجيٽ خرچ نه ڪئي وڃي. هتي اهو به ڏٺو ويو آهي ته ماضي ۾ رينجرز جي مدي وڌائڻ ۾ جڏهن به ٿوري دير ٿيندي هئي ته بدي جون وارداتون وڌي وينديون هيون. اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪو هنن وڌيل وارداتن جا پيرا ايڏانهن ٿا وڃن ته جيئن رينجرز کي اهڙا اختيار ڏنا وڃن. پر جيڪڏهن رينجرز تي بجيٽ خرچ به ٿئي ٿي، ته اهڙو تجربو ڪري به سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو حڪومت جو ڪم آهي ته اها عوام جي جان مال ۽ عزت جي هر لحاظ کان ۽ يقيني طور تي تحفظ ڪري. اها ڪيئن ٿي ڪري، ڪهڙا طريقا ٿي استعمال ڪري، فوج ۽ رينجرز کان مدد ٿي وٺي يا پوليس ذريعي مڪمل طور تي امن ڪرائي سگهي ٿي.

سو صوابديدي اختيار سندس وٽ آهي، اسان کي صرف ۽ صرف ڪراچي ۾ ڦورن جي وڌندڙ ۽ ڳڻتي جوڳين وارداتن جي روڪٿام کپي جيڪا گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.