سنڌ ۾ امن تباهه آهي، اڪثر ضلعا نوگو ايريا بڻجي چڪا آهن: ڪامريڊ اقبال

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي عوام ۾ عدم تحفظ  جي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي ، ڀنگ لاءِ اغوا تمام وڏو ڪاروبار بڻجي چڪو  آھي، عام راءِ اھا آھي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل وڏيرن جي سرپرستي ۾ اھي وارداتون ٿي رھيون آھن، اھي ڳالھيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان صوبائي ڪميٽي سنڌ جي سيڪريٽري  ڪامريڊ اقبال هڪ جاري بيان۾ وڌيڪ چيو آهي ته  ڪيترن ئي مهينن کان گم معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي جلد آزاد ڪرايو وڃي ، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ھي آھي جو سنڌ جا اڪثر ضلعا ته نوگو  ايريا بڻجي چڪا آھن، ھر روز ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن، وڏيرن  ڀنگ لاءِ اغوا کي باقاعدہ طور تي ھڪ ڪاروبار بڻائي ورتو آھي، خاص طور تي سنڌ ۾ رھندڙ ھندوئن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، انھن جي نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري مذھب تبديل ڪيو وڃي ٿو، معصوم پريا ڪماري به اھڙي سازش جو شڪار ٿي آھي، پريا ڪماري جي امڙ 22 مھينن کان ھر روز احتجاج ڪري رھي آھي پر افسوس! نااھل حڪمرانن جي ڪنن تي جون به نٿي سُري. سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.