سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

سکر  (رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. صحافي لالا شهباز  پٺاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سکر، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، عوام غير محفوظ بڻجي ويو آهي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن ۽ اغوا جو سلسلو رڪجڻ بدران وڌي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊوزيرن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن بابت درخواست 28 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.