ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم:3 مهينن اندر 44 ماڻهو قتل

ڪراچي (رپورٽر)  شهر قائد ۾ اسٽريٽ  ڏوهارين جي  سامهون پوليس بي وس ٿي چڪي آهي،  ڪراچي ۾  3 مهينن ۾ کان گهٽ عرصي دوران ڦر واقعن  ۾ 44 ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن، نارٿ ڪراچي بلال ڪالوني ۾ ڦورن  مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ايس پي فيصل نور جو چوڻ آهي ته واقعو ڦر مزاحمت تي پيش آيو، ٻه ڦورو دڪان مان ڦري ڪري فرار ٿيڻ لڳا ته نوجوان عبدالرحمان کين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جو چوڻ هو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 24 ورهين جو عبدالرحمان مارجي ويو، مقتول نوجوان لياري جو رهواسي هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.