اسٽريٽ ڪرائيم خلاف جلد ايڪشن جي ضرورت آهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٽاسڪ فورس کي فوري طور بحال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انٽيليجنس رپورٽ غلط  ثابت ٿيڻ تي سپروائزري آفيسرن کي نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جي خلاف فوري ايڪشن جي ضرورت آهي، هاڻي ائين نه  ٿيندو ته ٿاڻي وڃجي ۽ ڪيس داخل نه ٿئي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پنهنجي عهدو جي چارج سنڀالي ورتي، سومر تي هن پنهنجي بيان ۾  چيو ته  ايف آءِ آر فري رجسٽريشن ٽاسڪ فورس بحال ٿيندي، ايف آءِ آر رجسٽريشن فري تڪڙو عمل ٿيندو، اسٽريٽ ڪرائيم جي خلاف ايڪشن جي ضرورت آهي، ٿاڻي ۾ ڪو به شهري ويندو آهي ته ڪيس داخل ناهي ڪيو ويندو. هر واقعي جو ڪيس داخل  ٿيڻ تي جوابدار جو رڪارڊ ٺهندو آهي، غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته عدالت ۾  ڪيس ٺاهڻ واقت جوابدارن جي خلاف ٺوس ثبوت  هوندا، فريادي ٿاڻي تي وڃي ۽ ڪيس داخل نه ٿئي اهڙا ڊيوٽي آفيسر لڳايون جيڪي فريادين جي عزت ڪن، آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو ويندو. عهدي جي چارج سنڀاليندي ئي آءِ جي سنڌ سي پي او ۾ اعليٰ سطح اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز توڙي ٻين سينيئر آفيسرن  وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي امن امان جي صورتحال، پوليس سڪيورٽي پلانز سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.