ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪچي ۽ پڪي ٻنهي ۾ ڌاريلن جو راڄ آهي، ڌاڙيلن جو راڄ اصل ۾ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن جي ڪري آهي، ادارا نور الحق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، پوڻن 3 مهينن ۾ 134 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 7 پيٽرول پمپ ڦرجي چڪا آهن،هن چيو ته سڀ پنهنجون حڪومت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، مهانگائي عروج تي آهي، قيمتون گهٽ ڪرڻ ۾حڪومت ناڪام آهي،