پريا کي آزاد ڪيو: عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي ۾ 30 مارچ تي مارچ جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، اغوائن، ڦرن، ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان 30 مارچ تي لاڙڪاڻي  ۾ احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو ويو، مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڪيلن، صحافين، واپارين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي دعوتون ڏنيون وينديون، ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ 29 مارچ تي ٿيندڙ ڪانفرنس جون تياريون جاري آهن، ان سلسلي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لعل شاھ، نامياري قانوندان مسعود نوراني، سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل، سياسي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ ۽ ٻين کي دعوتون ڏنيون ويون، پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايو ويو آهي، مسڪين ۽ پورھيت اغوا ٿي وڃڻ جي ڊپ کان گھرن مان نٿا نڪري سگھن جنھن ڪري انھن جي گھرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آھي، سنڌ پوليس جا ايس ايس پيز ڌاڙيلن جا ونگارو بڻيل آهن، ايس ايس پيز ڌاڙيلن ۽ سردارن جا سھولتڪار آھن، هن وقت تائين ڌاڙيلن خلاف آپريشن  ڪرڻ  جي نالي ۾ ڪروڙين روپيا بجيٽ رکي صرف سکڻا اعلان ڪري سموري بجيٽ سرڪار ۽ انتظاميه ھڙپ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ  ۾ مڪمل ڌاڙيلن، ڏوھارين، چورن ۽ ڦورن جو راڄ آھي، پريا ڪماري ۽ ٻين کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.