ڪراچي ( رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترجيحي قدمن ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ سيد آصف حيدر شاهه کي صوبي جي چيف سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ صوبي جي بيورو ڪريسي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي.
-
ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس ۽ ايف سي آمهون سامهون، چوڪيون ۽ ٿاڻا بند
ڏکڻ وزيرستان ( م ڊ) ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس ۽ ايف سي آمهون سامهون اچي ويا آهن،پوليس احتجاج ڪندي چوڪيون ۽ ٿاڻا بند ڪري ڇڏيا، لوئر وزيرستان ۾ پوليس ايف سي خلاف احتجاج ڪندي سمورا ٿاڻا ۽ چوڪيون بند ڪيا، ذريعن موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ ايف سي گذريل ڏينهن پوليس اهلڪارن کان نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون هٿ ڪيون جيڪي پوليس اهلڪار استعمال ڪري رهيا هئا. پوليس ذريعن موجب ڄاڻايل گاڏيون پوليس جي اجازت کانپوءِ استعمال ٿي رهيون هيون، يوم پاڪستان ۽ عيد الفطر جي موقعي تي قيدين جي سزا ۾ 6 مهينا گهٽتائي ڪئي وئي. پوليس اهلڪارن الزام هنيو ته ايف سي پوليس جي ڪم ۾ غير ضروري مداخلت ڪري رهي آهي، اهلڪارن جو چوڻ آهي ته جيستائين ايف سي جي مداخلت بند نه ٿيندي تيستائين پوليس جو احتجاج جاري رهندو، پوليس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.
-
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن خلاف اپيلن تي سڀاڻي ٻڌڻي
اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي 25 مارچ تي مقرر ڪري ڇڏي.انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڪندي.بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد بينچ، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت به شامل آهن.سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان شهرين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ واري حڪومتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.
-
ڪورنگي پوليس جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ جعلي غير ملڪي شراب ھٿ
ڪراچي ( رپورٽر ) ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار نيازي جي مطابق ڪورنگي صنعتي ايريا پوليس جي ڳجھي اطلاع تي مھراڻ ٽائون ۾ وڏي ڪاروائي ڪندي گدام تي ڇاپو لڳائي وڏي تعداد ۾ جعلي غير ملڪي شراب ھٿ ڪري ورتو. جعلي غير ملڪي شراب کي عيدالفطر جي موقعي تي سڄي شھر ۾ سپلاءِ ڪيو وڃي. ايس ايس پي ڪورنگي موجب جعلي غير ملڪي شراب سان وڏي پيماني تي انساني جانيون ضايعا ٿي سگھن ھا. ايس ايس پي موجب ڇاپي ۾ 400 ڪارٽن ۾ 4800 بوتلون جعلي غير ملڪي شراب ھٿ ڪيو ويوآهي . حسن سردار مطابق ڇاپي جي دوران 2 جوابدار خاور ۽ عامر حسين کي موقع تان گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آھي.