پي ٽي آءِ جو وڏو وزير قوم بابت سوچي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قائداعظم جيڪو خواب ڏٺو هو، ان جي ساڀيان لاء اسان  کي پنهنجا اختلاف وساري ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، اسان سڀني کي گڏجي قوم لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 23 مارچ جي موقعي تي قومي هيروز کي ياد ڪيو ويندو آهي، ھن تاريخ تي پاڪستان جي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو، جيڪو پاڪستان جي آزادي جو بنياد . هن چيو ته اڄ فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيا آهن، اهڙن ملڪن جا ماڻھو احساس محرومي جو شڪار آهن جو اهي آزاد ملڪ ۾ ناهن، قائداعظم محمد علي جناح هن ملڪ لاءِ جيڪو خواب ڏٺو هو، اڄ اسان کي ان جي پوري ڪرڻ جو عزم ڪرڻو پوندو. قائداعظم جي ان خواب ۽ پاڪستان جي ڀلائي لاءِ اچو ته سڀ اختلاف وساري ۽ هر قسم جي انا کي پاسي تي رکي متحد ٿي وڃون. هن چيو ته پوري قوم کي مضبوط قوم بڻجي هن ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي درپيش ڪارن ۽ سازشن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيستائين اتحاد نه ڏيکارينداسين ۽ هڪ مضبوط قوم بڻجي اڳتي نه وڌنداسين تيستائين پاڪستان مسئلن مان نڪري نٿو سگهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي اصولن کي اختيار ڪري اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته مان پي ٽي آءِ جي وڏي وزير کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن توهان کي مينڊيٽ مليو آهي ته هن قوم بابت سوچيو، توهان جي ليڊر جي پاليسي هن قوم کي پولرائزيشن جو شڪار بڻايو ۽ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن توهان وڌيڪ اهڙا بيان آهن ڏيندئو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ان حوالي سان واضح حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، نئون گهرو وزير به ڪم ڪري رهيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.