ڪراچي کانپوءِ ٻين ضلعن ۾ به آءِ ٽي ڪورس شروع ڪري رهيا آهيون:ڪامران ٽيسوري

ڪراچي(رپورٽر )  ڪراچي پريس ڪلب پاران  گذريل ڏينهن هڪ مقامي هوٽل ۾ سينيئر صحافين، سرڪاري آفيسرن، سفارتڪارن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شخصيتن جي اعزاز ۾ افطار پارٽي منعقد ڪئي وئي.تقريب جو مهمان خاص گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري هو، جڏهن ته ٻين مهمانن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذولفقار شاهه، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، چيني ڪائونسل جنرل، ايران جي ڊپٽي ڪائونسل جنرل، آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان، سينيٽر تاج حيدر، جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فرحان فاروق، ايم پي اي يوسف بلوچ، ڊي جي ڪي ڊي سيد شجاعت حسين، سيڪريٽري انفارميشن نديم الرحمنٰ ، ڊي جي پبلڪ ريليشن سليم خان، ايم ڊي ايس ايس جي سي عمران منيار، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سراج ميمڻ ، چيئرمين ثواب ٽرسٽ ڊاڪٽر وقار ڪاظمي، سي اي او اسٽار مارڪيٽنگ واثق نعيم، عاصم سم سم چيئرمين، سي سي او عيسيٰ ليبارٽري ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ، ڊي سي ڏکڻ الطاف سورهيو، ڊي آءِ جي سائوٿ اسد الرحمان، ڊي جي لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي شبيه الحسن، ڊائريڪٽر سي اي جي امبر رحيم شمسي، نائب صدر الخدمت فائونڊيشن پاڪستان اعجاز الله خان، ايڊيٽر جنگ لنڊن همايون عزيز، اڳوڻو هيڊ آف پبلڪ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي ميڊم رفيع تاج، ڊائريڪٽر انفارميشن پوليٽيڪل يوسف ڪابورو سميت سرڪاري ۽ ڪاروباري شخصيتن، مختلف اخبارن جي ايڊيٽرز، ڊائريڪٽر نيوز، ڪنٽرولر نيوز، بيورو چيفس، چيف رپورٽر ۽ سينيئر صحافين شرڪت ڪئي. پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن سنڌ جي گورنر ۽ ٻين مهمانن جو استقبال ڪيو. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجي لاءِ ٻئي گهر وانگر آهي، پريس ڪلب جي تقريب ۾ شرڪت ڪري هميشه خوشي محسوس ڪندو آهيان، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. ، گورنر سنڌ چيو ته پريس ڪلب ۽ سياستدان هڪ ٻئي سان گڏ آهن، اسان کي پريس ڪلب کي هڪ ٿنڪ ٽينڪ طور وٺڻ گهرجي، ڪامران خان ٽيسوري چيو ته مان گورنر جي حيثيت سان نه پر پريس ڪلب جي ميمبر طور شرڪت ڪئي آهي. گورنر سنڌ چيو ته گورنر هائوس ۾ آئي ٽي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪراچي کان پوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به آئي ٽي ڪورس شروع ڪري رهيا آهيون. اندازي مطابق 25 لک ٻار آن لائين ۽ آن سائٽ ڪورس ڪندا. گورنر سنڌ چيو ته آئي ٽي ڪلاس جو ساڳيو معيار سڄي سنڌ ۾ نظر ايندو.گورنر سنڌ چيو ته خانگي شعبي سان گڏجي گهڻ  ماڙ عمارتون ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو آھي،  سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صحافين جي جان و مال جي تحفظ ۽ انهن جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، صحافي برادري جي حقن جو تحفظ جمهوري نظام جي قيام لاءِ اهم آهن. سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي سهڪار سان انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.