مرضي ۽ جبر سان فيصلا ڪرڻ جو وقت گذري ويو: اسد قيصر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته جيڪو سمجهي ٿو ته اسان تي فيصلا مسلط ڪيا ويندا اهو ڀوائتو آهي، وقت گذري ويو آهي جڏهن فيصلا مرضي ۽ جبر سان ڪيا ويندا هئا.اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اسد قيصر چيو ته اڄ آئين عملي طور معطل ٿي چڪو آهي ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، اسان جون عورتون جيلن ۾ آهن، پنجاب ۾ ريلي جي اجازت ناهي. .اسد قيصر چيو ته 9 مئي تي آزاد عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ته خبر پئجي ويندي ته ان جي پويان ڪير آهي.هنن چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون پر ياد رکو جيستائين مينڊيٽ واپس نٿو اچي اوهان کي سک سان ويهڻ نه ڏينداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته افسوس آهي ته اسان جي سرحدن تي لاڳاپا سٺا ناهن، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا سٺا ناهن، افغانستان تي سفارتي ڪوششون ٿيڻ گهرجن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ توهان مان اميد هئي، توهان چيو هو آئين تي عمل ڪندس، افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان آئين تي عمل نه ڪري سگهيا، مهرباني ڪري آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.