الشفا اسپتال تي اسرائيل جي پنجن ڏينهن کان بمباري جاري

غزا( م ڊ)  الشفا اسپتال تي اسرائيلي فوج جو پنجن ڏينهن کان بمباري جاري آهي، اسرائيل غزه جي پٽي جي سڀ کان وڏي الشفا اسپتال جو پنجن ڏينهن تائين گهيرو ڪرڻ کانپوءِ آپريشن ۾ 170 کان وڌيڪ هٿياربندن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج سومر تي الشفا اسپتال ۾ آپريشن ڪيو جتي هنن دعويٰ ڪئي ته اسپتال ۾ حماس جي ويڙهاڪن جو وڏو انگ موجود هو.اسرائيلي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”هاڻي تائين اسپتال جي علائقي ۾ 170 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي، 800 ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيارن ۽ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي دريافت ڪيو ويو آهي،“ اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن گذرڻ باوجود اتي موجود آهي. اسرائيلي فوج جي ڪاررواين کي روڪڻ جو ڪو به امڪان ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.