ميرپورخاص: ساماري واسي اعجاز شاهه جو قتل ڪيس داخل، ليڊي اي ايس آءِ گرفتار

سامارو ( رپورٽ: ڪيول سورماڻي ) ميرپورخاص جي روينيو ڪالوني مان ٻه ڏينهن اڳ ساماري واسي وڪيل سيد اعجاز علي شاھ قتل واري واقعي  جو سيٽلائيٽ ٿاڻي تي مقتول جي والد سيد غلام نبي شاھ جي فرياد هيٺ ليڊي اي ايس آءِ مبينا سمون ۽ هڪ نامعلوم جوابدارخلاف قتل ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار ليڊي اي ايس آءِ مبينا سمون کي گرفتار ڪري جاچ تيز ڪري ڇڏي آھي مقتول وڪيل سيد اعجاز علي شاھ جي والد سيد غلام نبي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ سيد اعجاز شاھ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي جنهن ۾ عورت مبينا سمون مڪمل طور تي ملوث آھي اعجاز شاھ جي خودڪشي ڪرڻ واري ويڊيو ڪوڙي ۽ پراڻي آھي جيڪا هن شاطر عورت منهنجي پٽ کي بليڪ ميل ڪري نشو ۽ ڪيمڪل پياري  ڀري وئي هئي  منهنجي پٽ کي قتل ڪري  خودڪشي جو ڍونگ رچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جيڪا ڪاماب نه ويندي جڏھن ته ساماري شھر جي بلند شاھ پاڙي ۾  مقتول سيد اعجاز علي شاھ جو تڏو وڇايو ويو جتي تعزيت جو سلسلو جاري آھي صوبائي وزير تعليم و معدنيات سنڌ سيد سردارعلي شاھ ـ سندس ڀاءُ پاڪستان پيپلزپارٽي  اڳواڻ سيد سرفراز علي شاھ سامارو پھچي  ايڊوڪيٽ سيد اعجازعلي شاھ جي وفات تي سندس والد سيد غلام نبي شاھ چاچي سيد ذوالفقار علي شاھ سان  تعزيت  ڪئي ۽ واقعي بابت وارثن کان تفصيل ورتا هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي ان موقعي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ميڊيا سان ڳالھ ٻول ڪندي ٻڌايو ته منهنجو سيد گهراڻي سان وڏن کان وٺي تعلق رهيو آھي سيد اعجاز علي شاھ هڪ  قابل وڪيل به هو سوشل ايڪٽيوسٽ جو متحرڪ ڪردار هو جيڪا صورتحال مون کي ٻڌائي وئي آھي جيڪا رپورٽ ٿي آھي ان مان انديشا وڃن پيا ته ڪٿي ان جو قتل ته نه ٿيو آھي ان حوالي سان جاچ وارثن جي پنهنجي مرضي مطابق جاچ ٿيندي سنڌ حڪومت مڪمل طور سهڪار ڪندي پوليس  ۾ جنهن تي اعتماد هوندو اهو  آفيسر مقرر ٿيندو اها جاچ ڪندو ته جيئن انصاف ٿئي ڇو ته اسين چاهيون ٿا ته جيڪڏھن ڪنهن ماڻھو سان  ائين واقعو لئي مٽي ٿي ويندو ته ڪنهن غريب مسڪين جو تدارڪ ٿي نٿو سگهي ان موقعي تي سينيٽ ۾ پ پ اميدوار سابق ايم پي اي پونجو مل ڀيل، ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ چيئرمين حاجي بقاپلي، ضلع  وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري،  پ پ  ضلع صدر صوفي نواز سومرو ۽ ٻيا به  گڏ ھئا جڏھن ته ميرپورخاص مان چونڊيل پ پ ايم پي اي سيٺ هري رام ڪشوري  لال . جسقم اڳواڻ وڪيل علي حسن چانڊيو. فقير خضر حيات مڱريو. .اڳوڻي ايم اين اي سيد علي نواز شاھ جي پٽ سيد حسين علي شاھ ۽ ٻين پهچي سيد غلام نبي شاھ .سيد ذولفقار علي شاھ سان تعزيت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.