بلوچستان ۾ 19 مزدورن جي فوتگي وارو معاملو افسوسناڪ آهي:نيڪ محمد ڪاڪڙ

ڪوئيٽا( م ڊ) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان بلوچستان جي سيڪريٽري پروفيسر نيڪ محمد ڪاڪڙ ۽ صوبائي ڪميٽي ميمبر ڪامريڊ  فرهاد رند بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ 19 مزدورن جي فوت ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هر ايندڙ روز ڪم ڪندڙ پورهيتن جي مارجڻ جو سلسلو جاري آهي، پر حڪمرانن ۽ انتظاميا پاران حفاظتي اپاءَ وٺڻ بدران مزدورن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي خاندان ڏينهون ڏينهن پنهنجي سرپرستن کان محروم ٿي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن مان ڪڏهن ڪڏهن ميونسپل ملازمن جي فوت ٿيڻ جا واقعا پيش اچن ٿا ته ڪڏهن مزدورن، هارين ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا افسوسناڪ واقعا پيش اچن ٿا پر حڪمرانن ۽ لاڳاپيل ادارن جي انتظاميا ڪنهن به قسم جي نوٽيس وٺڻ ۾ مجرمانه غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي. اهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ حفاظتي قدم کنيا وڃن.هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوت ٿيل مائننگ مزدورن، ميونسپل ملازمن ۽ ڊيوٽي دوران فوت ٿيندڙ سمورن مزدورن، شهرين، ملازمن ۽ ٻارن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو وڃي ۽ سندن ٻارن جي تعليم جو سمورو خرچ برداشت ڪيو وڃي. ادا ڪرڻ گهرجي. هن متاثر خاندانن سان يڪجهتي، تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪندي کين يقين ڏياريو ته سندس پارٽي سندن حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.